نواز شريف حڪومت ۾ اچڻ کانپوءِ پنهنجي ڪاروبار کي هٿي ڏيندو آهي: عمران خان

گجرانوالا (م.ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته وزيراعظم نوازشريف  حڪومت ۾ اچڻ کانپوءِ رڳو پنهنجي ڪاربار کي هٿي ڏيندو آهي.گجرانولا ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان جو چوڻ هو ته وزيراعظم نوازشريف ۽ ان جي سياست ۾ وڏو فرق آهي،نواز شريف جو اقتدار ۾ اچڻ جو مقصد رڳو پنهنجي ڪاروبار کي ترقي ڏيڻ هوندو آهي.جيڪڏهن ان دوران ملڪ ترقي ڪئي ته صحيح آهي نه ته سندس ڪاروبار ته ترقي ڪري ٿو نه ۽ انهيءَ سبب نواز شريف جو ڪاروبار ته ترقي ڪري رهيو آهي،پر پاڪستان جي معاشي حالت خراب ٿي رهي آهي.هارين جو حال تمام خراب ٿي ويو آهي،لاهور ۾ 200 ارب رپيا خرچ ڪري اورنج ميٽرو لائين جو منصوبو جوڙيو پيو وڃي،جيڪڏهن ساڳيا پئسا هارين جي ڀلائي تي خرچ ڪيا وڃن ته ملڪ ۾ غربت ختم ٿي ويندي هاري خوشحال ته ملڪ خوشحال ۽ ملڪ اندر بيروزگاري ۾ به  گهٽتائي اچي ويندي.تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جو چوڻ هو ته جيڪڏهن عالمي منڊي ۾ تيل جا اگهه ڏٺا وڃن ته ڊيزل جي اگهن ۾ 20 رپيا گهٽتائي ٿيڻ گهربي هئي،پرهتي ائين نه ڪيو ويو.جيڪڏهن ايئن ٿئي ها ته انهيءَ ڳالهه جو فائدو هارين کي پوي ها پر نواز شريف سدائين اميرن کي نوازيندو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *