پنجگور ۾ گهر تي حملو، فائرنگ ۾ 6 ڄڻا مارجي ويا

ڪوئيٽا (م.ڊ) بلوچستان جي پنجگور واري علائقي ۾ گهر تي اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا مارجي ويا، ميڊيا رپورٽن مطابق پنجگور جي علائقي بونستان ۾ موٽر سائيڪل تي سوار هٿياربندن  هڪ گهر تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا مارجي ويا، پوليس ٻڌايو ته هٿياربندن گهر سان لڳو لڳ ئي ٺهيل اوطاق تي هيارن جا منهن کولي ڇڏيا، جنهن جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا مارجي ويا، جن جي سڃاڻپ اسماعيل، شعيب، غلام جان، مومن، نظر ۽ اسماعيل 2 جي نالي سان ٿي آهي،خبر پوڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو، جنهن کانپوءِ مارجي ويلن جا لاش کڻائي اسپتال پهچايا، پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي طور تي واقعو پراڻي دشمني جو نتيجو لڳي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *