پاڪستان هاڪي فيڊريشن جي صدر چوڌري اختر رسول پنهنجي عهدي کان ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪري ورتو

اسلام آباد(اسپورٽس نيوز)پاڪستان هاڪي فيڊريشن جي صدر ۽ 1982ع هاڪي ورلڊ ڪپ جي فاتح ڪپتان چوڌري اختر رسول پنهنجي عهدي کان ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزي اعظم هائوس کان اشارو ملندي ئي هو استعفيٰ ڏئي ڇڏيندو. ذريعن جو چوڻآهي ته تحقيقاتي ڪميٽي اومپڪ ڪواليفائنگ رائونڊ جي ناقص ڪارڪردگي جو ذميوار فيڊريشن کي ڪوٺيو آهي ۽ وزير اعظم نواز شريف کان ايڪشن وٺن جي به شفارش ڪئي آهي. جنهن سبب اختر رسول پاڻ ئي عهدو ڇڏڻ جو فيصلو ڪري آهي. جنهن کان پوءِ هوءِ سمورو توجهه سياست طرف ڏيندو. پر کيس وزير اعظم هائوس کان اشاري جو آهي، جڏهن ته اختر رسول چاهي ٿو ته فيڊريشن جا پيٽرن نواز شريف کي اعتماد ۾ وٺي عهدي کان الڳ ٿين، جنهن لاءِ هو پنهنجو سياسي اثر رسوخ به استعمال ڪري رهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *