اڳوڻن ڪرڪيٽرن سان ڳالهيون هلندڙ آهن، ملڪي ڪرڪيٽ ٽيم جي نئين سليڪشن ڪميٽي جو اعلان ٻن کان ٽن ڏينهن ۾ ڪيو ويندو: شهريار خان

لاهور(اسپورٽس نيوز) پي سي بي چيئرمين شهريار خان چيو آهي ته ملڪي ڪرڪيٽ ٽيم جي نئين سليڪشن ڪميٽي جو اعلان ٻن کان ٽن ڏينهن ۾ ڪيو ويندو. ان حوالي سان اڳوڻن ڪرڪيٽرن سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. هڪ انٽرويو ۾ ڳالهائيندي شهريار خان چيو ته محسن خان چيف سليڪٽر جو عهدو قبولڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ٽيم جي هيڊ ڪوچ لاءِ اشتهار ڏئي ڇڏيو آهي، جلد اميدوار جو مقرري ڪئي ويندي. هن چيو ته شاهد آفريدي جو ٽي ٽوئنٽي جي ڪپتان ڇڏڻ وارو فيصلو سٺو عمل آهي. هو رانديگر جي حيثيت سان کيڏي سگهي ٿو. شهريار خان چيو ته سرفراز احمد کي اڳ ئي ڪپتان ان لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي ته جيئن هو ذهني طور تيار ٿي وڃي. پي سي بي چيئرمين وڌيڪ چيو ته ٽيسٽ ڪپتان مصباح الحق جي آئندي بابت جلد کانئس پلان معلوم ڪندس. هن چيو ته جلد سليڪشن ڪميٽي جو اعلان ڪيو ويندو، ان لاءِ ڪيترن ئي ڪرڪيٽرن سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، جن جا نالا نٿو ٻڌائي سگهان. شهريار خان چيو ته هارون رشيد محنتي ۽ ايماندار شخص آهي، کيس مستقبل ۾ ٻي ذميواري ڏني ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *