سرفراز کي ڪپتان بڻائڻ سٺو فيصلو آهي، حفيظ کي جيڪو چوڻو آهي رٽائرمينٽ کانپوءِ چوي: وسيم اڪرم

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم سرفراز احمد کي ٽيم جو ڪپتان بڻائڻ جي آجيان ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن محمد حفيظ کي ڪا شڪايت آهي ته اهو پي سي بي چيئرمين کي ٻڌائي. ڪالهه ڪراچي ۾ ڳالهائيندي اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم چيو ته اسان ڪرڪيٽ ۾ هڪ ليڊر کي فالو نه ٿا ڪري سگھو، ٽن کي ڪيئن ڪنداسين، پي سي بي ٽنهي فارميٽ جي ڪرڪيٽ لاءِ ڌار ڌار ڪپتان مقرر نه ڪري. هڪ ئي ڪپتان رکڻو پوندو. هن چيو ته  سرفراز احمد کي ڪپتان بڻائڻ وارو فيصلو سٺو آهي، محمد حفيظ کي ڪا شڪايت آهي ته پي سي بي چيئرمين سان ڪري حفيظ کي سينٽرل ڪانٽريڪٽ جو خيال رکڻ گھرجي، کيس جيڪو چوڻو آهي رٽائر ٿيڻ کانپوءِ چوي. هن چيو ته اهڙو ڪوچ نه گھرجي جيڪو هڪ هر سيريز کان پوءِ گھر هليو وڃي. پي سي بي ڪوچ کي ڳري رقم معاوضي طور ڏيندو آهي، پاڪستان جي ڪرڪيٽ کي اهڙين بلندين تائين پهچائيندڙ ڪوچ گھرجي جيڪو پورو پلان جوڙيندو هجي. وسيم اڪرم وڌيڪ چيو ته ڪوچ جي ذميواري هوندي ته اهو اي ٽيم، اڪيڊمي تي به ڌيان ڏئي. ڪوچ پاڪستاني هجي يا پرڏيهي، جيڪو به اچي پوري پلان سان گڏ اچي.37

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *