انوشڪا شرما ۽ ويرات ڪوهلي وري هڪ، ٻنهي هوٽل ۾ گڏجي ماني کاڌي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا انوشڪا شرما ۽ سندس پريمي ڪرڪيٽر ويرات ڪوهلي ۾ هڪ ڀيرو وري ٺاهه ٿيڻ کانپوءِ ٻنهي هوٽل ۾ گڏجي ماني کاڌي، ڀارتي ميڊيا مطابق ڪجهه مهينا هڪ ٻئي کان ڌار رهڻ کانپوءِ انوشڪا ۽ ويرات وري هڪ ٿي ويا آهن، ان سلسلي ۾ جوڙِي کي ممبئي ۾ هڪ هوٽل مان گڏ ٻاهر نڪرندي ڏٺو ويو، جنهن دوران ٻنهي کي ڪاري رنگ جا ڪپڙا پهريل هئا، ان موقعي تي فوٽوگرافرن سندن تصويرون به ڪڍيون، ڀارتي ميڊيا مطابق 27 ورهين جي انوشڪا شرما ۽ 27 ورهين جي ويرات هوٽل ۾ رات جي ماني گڏ کاڌي ۽ پوءِ هڪ ئي گاڏي ۾ واپس روانا ٿي ويا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *