رينٽل پاور ڪيس: نيب جو راجا پرويز اشرف خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو) نيب رينٽل پاور ڪرپشن ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف خلاف رينفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي ۽ ڪراچي ۾ 6 ايڪڙ زمين جي غير قانوني الاٽمينٽ تي چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ بورڊ آف روينيو جي عملدارن کي جاچ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پ پ ايم اين اي مير منور ٽالپر خلاف اختيارن جي ناجائز استعمال ۽ عوام جا پئسا ڦٻائڻ جي جاچ جو حڪم ڏنو ويو آهي. نيب جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس چيئرمين قمر زمان چوڌري جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف خلاف رينٽل پاور ڪرپشن ۾ ريفرنس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. نيب پاران جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب اجلاس ۾ شاهد رفيع، اڳوڻي پاڻي ۽ بجليءَ واري سيڪريٽري فياض الاهي، اڳوڻي ايم ڊي، پي پي آءِ بي فياض احمد، اڳوڻي ايم ڊي پيپڪو طاهر بشارت چيما ۽  ٻين کي به رينٽل پاور ڪيس ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. اجلاس دوران ڪراچي جي ديهه بٽِي آمري جي اسڪيم 33 ۾ 6 ايڪڙ زمين غير قانوني طريقي سان الاٽمينٽ ڪرڻ تي چيف سيڪريٽري صديق ميمڻ ۽ بورڊ آف روينيو جي ٻين عملدارن خلاف معاملي جي جاچ جو حڪم ڏنو ويو. نيب اختيارين موجب آباد جي اڳوڻي چيئرمين بابر چغتائي خلاف زمينن تي قبضن ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال واري معاملي جي جاچ جو حڪم ڏنو. نيب جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جي اجلاس ۾ پيپلز پارٽي جي ايم اين اي مير منور ٽالپر خلاف اختيارن جي ناجائز استعمال ۽ عوام جا پئسا ڦٻائڻ جي جاچ جو به حڪم ڏنو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *