اپوزيشن ليڊر جڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي، مارڻ لاءِ ڪمري ۾ نانگ ڇڏيو ويو: حليم عادل شيخ

ڪراچي (م.ڊ/اين اين آءِ) دهشتگردي انت واري عدالت حليم عادل شيخ کي عدالتي ريمانڊ تي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏيندي جوابدارن کي 25 فيبروري تي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو آهي جمعي تي پوليس طرفان اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ ۽ ساٿي جوابدارن کي ريمانڊ ختم ٿيڻ تي عدالت ڪلفٽن ۾ پيش ڪيو ويو جاچ آفيسر عدالت کان حليم عادل شيخ جي جسماني ريماند ۾ 3 مارچ تائين واڌ جي درخواست ڪئي ۽ چيو ته حليم عادل شيخ جا شريڪ جوابدار روپوش آهن جاچ آفيسر چيو ته روپوش جوابدارن کي گرفتار ڪرڻو آهي جڏهن ته واقعي ۾ استعمال ٿيندڙ گاڏيون به هٿ ڪرڻيون آهن جنهن تي حليم عادل شيخ جي وڪيل چيو ته سياسي انتقام جو ڪيس آهي دهشتگردي جو نه آهي حليم عادل تي حملو ٿيو گاڏي تي فائرنگ ٿي سيون اي ٽي اي لڳائڻ بدنيتي تي ٻڌل آهي پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته جوابدارن اليڪشن جي عمل ۾ مداخلت ڪئي آهي ٻڌڻي دوران وڪيل حليم عادل شيخ جي ڪمري مان نانگ نڪرڻ جي واقعي کان عدالت کي آگاهه ڪيو عدالت پڇاڻو ڪيو ته نانگ اتي ڇا ڪري رهيو هو حليم عادل شيخ چيو ته منهنجي ڪمري ۾ هڪ پلان تحت نانگ ڇڏيو ويو جنهن تي جج سوال ڪيو ته نانگ جي وات ۾ ڏند ڏٺا هئا اوهان؟ حليم عادل شيخ چيو ته مون کي مارڻ جي سازش ٿي رهي آهي ۽ بلاول ڀٽو مرادعلي شاهه جي ذريعي مارائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي هن چيو ته ڊي ايس پي آفتاب عالم نانگ نڪرڻ جو شاهد آهي ۽ کيس نانگ ڏيکاريو آهي عدالت حليم عادل کي چيو ته اوهان سياسي بيان ٻاهر وڃي ڏيو هتي ايئن نه ڪريو اوهان کي جيل موڪلي رهيا آهيون ۽ اتي اوهان محفوط رهندا عدالت حليم عادل شيخ ۽ ٻين جوابدارن کي عدالتي ريماند تي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏيندي جوابدارن کي 25 فيبروري تي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو عدالت حليم عادل شيخ جي ضمانت واري درخواست تي پراسيڪيوٽر کي نوٽيس جاري ڪندي ضمانت واري درخواست تي 22 فيبروري تي دليل گهريا آهن. حليم عادل شيخ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مونکي مارائڻ لاءِ بلاول جي هدايتن تي مراد علي شاهه پلان جوڙيو آهي، پوليس پيپلزپارٽي جي غلام بڻيل آهي هڪ سازش تحت ايس آئي يو سينٽر منهنجي ڪمري ۾ زهريلو نانگ ڇڏيو ويو هو جنهن کي مون اڌ مئو ڪيو بعد  پوليس ماري وڊيو به ٺاهي آهي جنهن جي شاهدي ڊي ايس پي آفتاب عالم پڻ ڏيندي چيو ته حليم عادل شيخ جي ڪمري ۾ ڪارو نانگ گهمي رهيو هو جنهن کي ماريو ويو آهي حليم عادل شيخ وڌيڪ چيو ته سينيٽ اليڪشن کي چورائڻ لاءِ پيپلزپارٽي مخالفين تي انتقامي ڪارروائيون رهي آهي، اسان جا ممبر متحد آهن ۽ ايترا ڪريل به ناهن جو ڪرپٽ مافيه کي ووٽ ڏيندا. آئون عمران خان جو سپاهي آهيان ڪرپٽ مافيا خلاف جنگ جاري رهندي عوام جي آواز کي بند نٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته سمير مير شيخ کي عمران خان جو ساٿ ڏيڻ جي ڪري نشانو بڻايو پيو وڃي. سمير مير شيخ مرتضيٰ جي قاتلن کي وائکو ڪرڻ جو ٻيان ڏنو هو. هن  ٽٺي جي پي ٽي آئي اڳواڻ ارسلان بروهي جي گهرن تي چڙهائي ڪري بزرگ والد صاحب کي بي گناهه گرفتار ڪيو ويو منهنجي تڪ جي ڪارڪن جي گهرن تي ڇاپا پيا هنيا وڃن جنهن جي سخت مزمت ڪريان ٿو. ٻي پاسي حليم عادل شيخ جي ڀائرن عليم عادل شيخ، نعيم عادل شيخ، ۽ پي ايس 88 جي پي ٽي آئي جي سابقه اميدوار جانشير جوڻيجو پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پوليس سياسي بڻجي چڪي آهي هڪ سياسي ڪيس ۾ حليم عادل شيخ جي گرفتاري ظاهر ڪئي وئي آهي انهي ڪيس ۾ پوليس دهشتگردي جا قلم شامل ڪري ناجائزي ڪئي آهي.  

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *