گم ٿيل ماڻهن جون امڙيون، ڀينرون ۽ ڌيئرون اسلام اباد ۾ رستن تي ويٺيون آهن، حڪومت پيارن جو ڏوهه ٻڌائي: سراج الحق

اسلام آباد (اين اين آءِ) امير جماعت اسلامي سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته گم ٿيل ماڻهن جون امڙيون ڀينرون ۽ نياڻيون اسلام آباد ۾ رستن تي ويٺيون آهن حڪومت پيارن جو ڏوهه ٻڌائي پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ جي حڪومتن ۾ به ماڻهو کنڀي گم ڪيا ويا اسان کي مظلومن کان عوامي نمائندي جي حيثيت سان معافي وٺڻ گهرجي جمعي تي سراج الحق ڊي چوڪ اسلام آباد ۾ گم ڪيل ماڻهن جي ڌرڻي ۾ ٻڌي جي اظهار لاءِ پهتو وارثن سان ڳالهائيندي سراج الحق چيو ته جيڪڏهن حڪومت وٽ ڏوهه هجن جو ثبوت آهي ته عدالتن ۾ ٽرائيل ڪيو وڃي هن چيو ته رڳو بلوچستان مان 558 ماڻهو گم آهن وارثن جو مطالبو انصاف تي ٻڌل موقف آهي هزارين نوجوان خيبرپختوخنواهه پنجاب ۽ سنڌ ۾ گم آهن انهن مان ڪجهه جي وارثن کي ذاتي طور تي سڃاڻا ٿو ماڻهو صرف موجوده حڪومتي دور ۾ غائب ناهن ڪيا ويا پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ جي حڪومت ۾ به کنڀي گم ڪيا ويا هن چيو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ انصاف جو تقاضا آهي ته وزيراعطم پاڻ هتي اچي انهن جي مٿن تي شفقت جو هٿ رکي ها هن چيو ته هي ماڻهو پاڪستان جا دشمن نه آهي هي ماڻهو به پاڪستان کي ٽيڪس ڏين ٿا حڪومت ٻڌي ڇڏي هي ماڻهو قيامت ۾ به اوهان جي ڳچي کان وٺندا غائب ماڻهن جو مسئلو هميشه لاءِ حل ٿيڻ گهرجي جيڪڏهن گم ڪيل ماڻهن ڪو ڏوهه ڪيو آهي ته وارث ڪڏهن به سندن آزادي جو مطالبو نه ڪندا هن چيو ته رات جي اونداهين ۾ ٿيندڙ ڪم منظور نه آهي اوهان ماڻهو حق تي آهيو پاڪستان جو نظام هڪ مجرم جي حيثيت سان اوهان جي سامهون آهي احتجاجي ڌرڻي ۾ پي ڊي ايم قيادت به پهتي احسن اقبال ڳالهائيندي چيو ته پي ڊي ايم قيادت وارثن سان ٻڌي لاءِ آئي آهي بدقسمتي سان هن ملڪ ۾ ماڻهن کان بنيادي حق کسيا وڃن ٿا آئين ۽ قانون کي ملڪ ۾ لاڳو نٿو ڪرڻ ڏنو وڃي پي ڊي ايم ماڻهن جي عزت ۽ بنيادي حقن لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي سليڪٽڊ وزيراعظم رياست مدينه جي چيئمين هجڻ جي دعوا ڪري رهيو آهي ڇا رياست مدينه ۾ حڪمران امڙين ڀينرن جي مٿن تي شفقت جو هٿ ناهن رکندا هي رياست مدينه نه آهي رياست هٽلر آهي هن چيو ته وزيراعظم ته هڪ پاسي غائب ماڻهو ڪميشن جي سربراهه کي به مائرن ڀينرن تي شفقت جو هٿ رکڻ جي توفيق ناهي ٿي. پارليامينٽ ۾ هن مسئلي تي ٺوس قانونسازي ڪنداسين هن چيو ته وارثن کي اها به خبر نه آهي ته سندن پيارا جيئرا آهن يا مري ويا آهن مولانا فضل الرحمان، غفور حيدري چيو ته جنهن حڪومت مان اميد آهي هي حڪومت آهي نه ئي ان وقت اختيار آهن ڏينهن رات لاش پيا رهيا پر وزيراعظم چيو ته مان بليڪ ميل نه ٿيندس هن چيو ته اهڙو احمڪ وزيراعظم آهي جيڪو ڏکايل گهراڻن کي دلجاءِ ڏيڻ بدران انهن جي زخمن تي لوڻ ٻرڪيو رياست جي سمورن ادارن جي سامهون وارث ڌرڻي تي ويٺا آهن نئرحسين بخاري چيو ته هي ڏک ۽ تڪليف وارثن کان وڌيڪ ڪوئي محسوس نٿو ڪري سگهي. غائب ماڻهو ڪميشن کان به وارثن قانون مطابق ڏسڻ جو مطالبو ڪيو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *