قومي مالياتي ڪميشن جي پهريون اجلاس ۾ ئي وفاق ۽ سنڌ ۾ اختلاف، وڏي وزير جو فاٽا لاءِ واڌو فنڊن جي ڪٽوتي کان انڪار

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قومي مالياتي ڪميشن جي پهرين اجلاس ۾ ئي وفاق ۽ سنڌ ۾ اختلاف پيدا ٿي ويو آهي، فاٽا جي لاءِ واڌو فنڊن جي ڪٽوتي تي سنڌ جي وڏي وزير ناڻي واري وزير حفيظ شيخ کي صاف انڪار ڪري ڇڏيو. ڏهين قومي مالياتي ڪميشن جو پهريون اجلاس ٿيو ته پهرين ئي اجلاس ۾ وفاق ۽ سنڌ جي وچ ۾ اختلاف پيدا ٿي ويا، سنڌ جي وڏي وزير فاٽا جي لاءِ واڏو فنڊن جي ڪٽوتي تي صاف انڪار ڪندي موقف اختيار ڪيو ته سنڌ پنهنجي حصي تان هٿ نه کڻندو جنهن تي حفيظ شيخ مراد علي شاهه کي ايندڙ اجلاس تائين سوچڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو. اين ايف سي اجلاس کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته 30 تاريخ تي پگهارون ڏيڻ جو سوچيندا آهيون ته ڪيئن ڏيون؟ ان کان اڳ اجلاس ۾ ٽي او آرز تي به اتفاق نه ٿي سگهيو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *