اپوزيشن جي سخت احتجاج ۽ مخالف باوجود سنڌ حڪومت جي بجيٽ منظور

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ اسيمبلي اربع تي ايندڙ مالي سال جي صوبائي بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي اپوزيشن جي ڀرپور مخالفت ۽ احتجاج جي باوجود ايوان ۾ حڪومت سنڌ پاران پيش ڪيل 11 کرب 86 ارب 50 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جي 159 مطالبن کي به منظور ڪيو ويو ۽ اپوزيشن جي 544 ڪٽوتي واريون رٿون رد ڪيون ويون اسپيڪر آغا سراج درانيج ي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ نئين سال 20-2019 جي بجيٽ اڪثريت سان منظور ڪئي وئي سنڌ جي بجيٽ 12 کرب 70 ارب رپين کان وڌيڪ هوندي جڏهن ته بجيٽ خسارو زيرو آهي منظور ٿيل بجيٽ ۾ سنڌ جي سرڪاري ملازمن جون پگهارون ۽ الائونس ۾ 5 کان 15 سيڪڙو واڌ، بک ختم ڪرڻ جي پروگرام جي شروعات ، پورهيتن جي گهٽ ۾ گهٽ پگهار 17500 هزار رپيا مقرر ڪرڻ سرڪاري خانگي اسپتالن لاءِ گرانٽ جو اعلان به شامل آهي سنڌ اسيمبلي مان فنانس بل جي منظوري خميس تي ورتي ويندي. اپوزيشن ميمبرن پنهنجي ڪٽوتي واريون رٿون پيش ڪندي اهو موقف اختيار ڪيو هو ته سنڌ پهريان کان ئي وڏي مالي ڏکيائين مان گذري رهي آهي ان لاءِ سنڌ حڪومت جي سمورن مطالبن جي منظوري اکيون بند ڪري نه ڏيڻ گهرجي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جنهن وٽ ناڻي کاتي جو قلم به آهي اپوزيشن ميمبرن پاران پيش ڪيل ڪٽوتي جون سمورين رٿن جي مخالفت ڪئي. سندس چوڻ هو ته هلندڙ مالي سال اسان 7 ارب رپين جي بچت ڪئي آهي ۽ آئنده به سنڌ جي عوام جي مفاد جي هر شيءِ کي فوقيت ڏينداسين. ان کانپوءِ اسپيڪر سنڌ اسيمبلي جو اجلاس خميس جو صبح يارهين وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *