اي پي سي مان حڪومت کي ڪو به خطرو ناهي، اپوزيشن کي پنهنجو پاڻ مان خطرو آهي : فردوس عاشق

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سڌ سماءَ بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته اي پي سي ڪچي هنڊي آهي جيڪا وچ چوواٽي تي ٽٽندي، اي پي سي جي ناڪي کانپوءِ مولانا فضل الرحمان پاڻ کي دين جي خدمت لاءِ وقف ڪري.  سماجي رابطن جي ويب سائٽ ٽويٽر تي بيان جاري ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته اي پي سي جي شاهڪار فلم اسڪرين تي اچڻ کان اڳ ئي لهي وئي آهي، مفادن جي قيدي قيادت هر ڀيري مولانا کي گهرائي سندس ڪرسي ڪڍي ڇڏيندي آهي. هن چيو ته مولانا صاحب سان دلي همدردي آهي ڇو ته مخالف ڌر جا ڪچا ڪلها سندس سياسي محرومي جو بار کڻڻ لاءِ تيار نه آهن،  حڪومت کي مخالف ڌر مان ڪو به خطرو ناهي، اپوزيشن کي پنهنجو پاڻ مان خطرو آهي. فردوس عاشق اعواڻ چيو ته مولانا فضل الرحمان جي ان منصوبي جو نتيجو اهو ئي نڪرندو  جيڪو اليڪشن ايڊونچر جو نڪتو، اي پي سي جي ناڪامي کانپوءِ مولانا صاحب ايندڙ چار سال لاءِ پاڻ کي رڳو دين جي خدمت لاءِ وقف ڪري.  هن چيو ته مخالف ڌر جي اي پي سي ۾  ڌيان رڳو کائڻ پيئڻ تي هوندو، پنهنجا ڏک سور ٻڌائڻ لاءِ فضل الرحمان اي پي سي رکي آهي. فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ٻه خاندان نسل کان نسل پاڪستان تي حڪمراني ڪندي آيا آهن، هي چون ٿا ته هي ٻه خاندان نه ته ڪنهن جي به حڪمراني نه هئڻ گهرجي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *