جڏهن 8 لاش پيل هجن ته الله ياد اچڻ گهرجي، ڪجهه ته سچ ڳالهايو: چيف جسٽس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ 8 ڄڻن جي قتل ۾ ملوث جوابدارن مان ٽن جي موت جي سزا ختم ڪري ڇڏي، جڏهن ته ٻن جوابدارن جون بريت خلاف درخواستون خارج ڪري ڇڏيون. چيف جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهي ۾ بئنچ 8 ڄڻن جي قتل جي جوابدارن جوابدارن جي موت جي سزا خلاف اپيل تي ٻڌڻي ڪئي. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته توهان ايف آءِ آر ۾ 30 جوابدارن کي نامزد ڪري ڇڏيو، ڇا توهان اهو الزام 35 يا 40 ڄڻن تي هڻي ڇڏيو ها ته اسان مڃون ها، جنهن تي سرڪاري وڪيل چيو ته اهو واقعو عدالت جي ٻاهران ٿيو آهي، جنهن ۾ 8 حياتيون ويون ۽ 5 زخمي به ٿيا. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اهو واقعي افسوسناڪ واقعو آهي پر اهو نٿو ٿي سگهي ته توهان جيترن ماڻهن تي الزام لڳايو ته اسان انهن کي ڦاهي تي چاڙهي ڇڏيون. چيف جسٽس جو چوڻ هو ته جڏهن 8 لاش پيل هجن ته الله ياد اچڻ گهرجي، ڪجهه ته سچ ڳالهايو، ان تي سرڪاري وڪيل چيو ته 8 ماڻهن کي قتل ڪرڻ ٻن يا چئن ماڻهن جو ڪم نٿو ٿي سگهي، جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا هڪ ڳالهه طئي آهي ته انهن شاهدن جو سچ سان ڪو واسطو ناهي، اهي شاهد جيڪو چاهيندا آهن بيان ڏئي ڇڏيندا آهن. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته الله لاءِ سچي شاهدي ٿيو، ڀلي ماءُ، ڀيڻ، ڀاءُ يا پٽ خلاف ئي ڇو نه هجي، انصاف جو بنياد سچ تي ئي هوندو آهي، هتي ته سچ جي ڪا خبر ئي ناهي پوندي. هن چيو 2، 4 شاهدن کي سزا ٿيندي ته ڪجهه بهتر ٿيندو، ڪجهه شاهد ڪيس ڀڳتي به رهيا آهن. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس طرفان ڪرمنل ڪيسن تي به ريمارڪس ڏنا ويا، هن چيو ته اسان وٽ اسلام آباد جون ڪرمنل اپيلون ختم ٿي چڪيون آهن، هاڻ اسان هتي لاهور جون اپيلون ٻڌي رهيا آهيون، هاڻ اسلام آباد جي ڪا به مجرماڻي اپيل باقي ناهي رهي، جلد سموريون ڪرمنل اپيلون ختم ٿي وينديون. پوءِ عدالت 8 ڄڻن جي قتل ۾ ملوث جوابدارن مان 3 جوابدارن مهدي خان، ميان خان ۽ لياقت علي کي بري ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ٻن جوابدارن لال خان ۽ عرفان جي بريت خلاف درخواستون خارج ڪري ڇڏيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *