اپوزيشن جماعتن حڪومت خلاف بي اعتمادي رٿ آڻڻ جو فيصلو

اسلام آباد(م.د) مخالف ڌر جي پارٽين حڪومت خلاف بي اعتمادي واري رٿ آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب نواز شريف جي صدارت هيٺ مسلم ليگ ن جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ۾ حڪومت خلاف بي اعتمادي جي رٿ منظور ٿيڻ جو امڪان آهي، جنهن کانپوءِ پيپلز پارٽي کي ان حوالي سان آگاهه ڪيو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته اڃا اهو فيصلو ناهي ٿيو ته پهرين وزيراعظم خلاف بي اعتمادي جي رٿ آڻڻ گهرجي يا قومي اسيمبلي جي اسپيڪر خلاف تحريڪ پهرين پيش ڪئي وڃي. ذريعن موجب تحريڪ عدم اعتماد جي حڪمت عملي مولانا فضل الرحمان سان ڳالهين کانپوءِ طئي ڪئي ويندي ۽ بي اعتمادي واري رٿ تي موقف وٺڻ کانپوءِ رابطا شروع ڪيا ويندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي کي ق ليگ سان رابطن جو ٽاسڪ ڏنو ويندو ۽ جهانگير ترين جي 6 ايم اين ايز سان به پيپلز پارٽي ڳالهيون ڪري سگهي ٿي جڏهن ته مخدوم احمد محمود اڳ ۾ ئي جهانگير ترين سان رابطي ۾ آهي. ذريعن موجب حڪومت جي ناراض ميمبرن مان ڪجهه جو تعلق پنجاب ۽ ڪجهه جو ڪي پي ڪي سان آهي. ٻئي طرف ذريعن جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم ۽ مسلم ليگ (ق) جا معاملا به طئي ٿي ويا آهن ۽ ٻنهي پارٽين جا اڳواڻ جلد ملاقات ڪندا. ان کان علاوه آصف زرداري مسلم ليگ ق جي سربراهه چوڌري شجاعت سان به ملاقات ڪندو، ٻئي طرف اسٽيٽ بينڪ کي آءِ ايم ايف حوالي ڪيو ويو آهي، اسٽيٽ بينڪ هاڻي پارليامينٽ يا ڪنهن ٻئي کي جوابده ناهي، 2019 کان وٺي اسٽيٽ بينڪ حڪومت کي قرض ناهي ڏنو. ڊيرا اسماعيل خان ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته مهانگائي عام ماڻهوءَ جا سمورا خواب ڀڃي ڇڏيا آهن، غريب پنهنجي ٻارن لاءِ دوا به خريد نٿو ڪري سگهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *