آءِ ايم ايف هاڻي اسٽيٽ بئنڪ کي حڪم ڏيندو ته ڇا ڪجي: شاھد خاقان عباسي

ڪراچي (اين اين آءِ) نوازشريف جي واپسي عوامي انقلاب جو نتيجو هوندي مسلم ليگ (ن) جو صدر ۾ ڪمبيڪ ڪجهه ماڻهن کان برداشت نه پيو ٿئي ملڪ جي عالمن سڳورن جو جمهوريت جي ريج ۾ اهم ڪردار آهي جنهن کي فراموش نٿو ڪري سگهجي آئي ايم ايف جو پاڪستان حڪومت کان 1155 ارب رپين جو اضافي ٽيڪس لڳائڻ جو مطالبو مذمت جوڳو آهي پهريان ئي ملڪ ۾ مهانگائي تاريخ جي بلند سطح تي پهچي چڪي آهي حڪومت جي نااهلي ۽ اڻ سيکڙاٽ جي ڪري ملڪ ۽ قوم کي وڏو نقصان ٿيو آهي اهڙن خيالن جو اظهار شاهد خاقان عباسي ڪراچي جي دوري دوران ملڪ جي علماء مشائخ نمائندا تنطيم علماء مشائخ فيڊريشن آف پاڪستان جي چيئرمين سفير امن پير صاحبزاده احمد عمران نقشبندي مرشدي سجاده نشين آستانه عاليه ڀيڄ پي جٽا سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو ان موقعي تي مسلم ليگ (ن) جا اڳواڻ سردار زبير خان نديم صديقي، يو ايم ايف پي جو اڳواڻ پروفيسر ڊاڪتر محمود عالم خرم جهانگيري، جنيد احمد مهراڻ گورايا ايڊووڪيٽ افضل واثي ۽ ٻيا موجود هئا ملاقات ۾ موجوده ملڪي حالتن ۽ گڏيل معاملن تي ڳالهايون ويو شاهد خاقان عباسي چيو ته هارين سميت مزدور ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ طبقو، ڊاڪٽر صنعتڪار زندگي جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ شخص پريشان آهي عوام کي آئي ايم ايف جي اشارن تي هلندڙ ڪڏهن به رليف نٿا ڏئي سگهن موجوده حڪمرانن جو هڪ به ڪم اهڙو نظر نٿو اچي جنهن کي هاڪاري قرار ڏئي سگهجي وزيراعطم ۽ ان جي پوري ٽيم ملڪ ۽ قوم سان مسلسل ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ان کان نجات ورتي وڃي هن چيو ته پاڪستان نازڪ دور ۾ لنگهي رهيو آهي تبديلي جي نالي تي مڙهيل حڪمرانن عوام کي مايوس ڪيو آهي. حڪمرانن جي ناڪاري سوچ ۽ انتقامي سياست ملڪ ۽ قوم جي ترقي جي رستي ۾ سڀ کان وڏي رنڊڪ بڻجي چڪي آهي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عوام کي بنا دير رليف فراهم ڪيو وڃي. شاهد خاقان عباسي وڌيڪ چيو ته سينيٽ ۾ اسٽيٽ بئنڪ جي حوالي سان ٿيندڙ قانونسازي سان حڪومت وائکي ٿي وئي آهي. هنن ماڻهن مان چڱائي جي اميد نٿي رکي سگهجي ملڪ ۾ محب وطن ديانتدار قيادت جي کوٽ آهي عوام جنهن اميد تي تحريڪ انصاف کي ووٽ ڏنا هئا اها اميد لڙهي وئي آهي هاڻي اهو وقت پري نه آهي جڏهن نام نهاد حڪمرانن کي عوام جي غضب جو سونامي لوڙهي ويندو ۽ انهن کي لڪڻ لاءِ ڪٿي پناهه به نه ملندي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *