سڀ ڪراچي جا وارث آهيون، شھر کي دهشتگردي ۽ بربادي کان بچائڻو آهي: سعيد غني

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي اطلاعات ۽ ليبر کاتي واري وزير ۽ پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن جي صدر سعيد غني چيو آهي ته لياري جي ڀينرن ۽ ڀائرن جو جذبو آهي ۽ اها لياري جي سڃاڻپ هئي. لياري جا ماڻهو امن پسند آهن. جمهوريت جي جدوجهد جي لاءِ لياري جي ماڻهن پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. جيڪي ماڻهو چون ٿا ته توهان غير مقامي آهيو انهن کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته اسين اصل ڪراچي جا مقامي آهيون، ايم ڪيو ايم وارا پهريان به ڪراچي شهر سان مخلص نه هئا هاڻي به ناهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن آچر جي رات لياري ۾ منعقد ڪيل جلسه عام سان ۽ پارٽي جي سينيئر رهنما ۽ اڳوڻي وفاقي وزير نبيل گبول جي اين اي 246 جي آفيس جي افتتاح جي موقعي تي خطاب ڪندي ڪيو. سعيد غني چيو ته لياري ۾ گذريل ڪيترن ئي سالن کان جلسن ۾ شرڪت جو موقعو مليو. هن چيو ته لياري ۾ هن جلسي ۾ تمام گهڻو جوش ۽ جذبو نظر آيو آهي. سعيد غني چيو ته ماضي ۾ لياري جو امن خراب ڪيو ويو، هڪ سازش تحت لياري جي تعليم ۽ امن کي تباهه ڪيو ويو. هن چيو ته آءُ ڪراچي ۾ پنهنجي زندگي ۾ ڏٺو ته ڪرفيو لڳندو هو پر ان باوجود ڪراچي شهر جو هي علائقو هميشه کليل رهندو هو. هن چيو ته هتان جا ماڻهو پرامن طور تي گڏجي رهندا هئا. سعيد غني چيو ته هي نوجوانن جي هٿن ۾ آهي ته هو لياري جي پراڻي ورثي کي بحال ڪرائن. سعيد غني چيو ته 1906 جو نقشو يوسف بلوچ کي ڏيکاريو ان وقت پاڪستان قائم نه ٿيو هو پر ان وقت به ڪراچي هيو ۽ ڪراچي ۾ صرف لياري هو. هن چيو ته اسين سڀ ڪراچي جا وارث آهيون ۽ اسان کي به ڪراچي کي دهشتگردي ۽ بربادي کان بچائڻو آهي. سعيد غني چيو ته جيڪي ماڻهو چون ٿا ته توهان غير مقامي آهيو انهن کي ٻڌائڻو آهي ته اسين اصل ڪراچي جا رهاڪو آهيون. سعيد غني چيو ته ڪراچي ڪنهن مخصوص زبان ڳالهائيندڙن جو ناهي پر هي سڀني جو شهر آهي. هن چيو ته ڪراچي ۾ ترقي ۽ امن ان وقت تائين نه ٿيندو جيستائين لياري ۾ امن ۽ ترقي نه ٿيندي. سعيد غني چيو ته سياسي اختلاف هوندا آهن اها خراب ڳالهه ناهي. لياري مان ئي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو اليڪشن ۾ اٿيو هو ۽ کٽيو هو. لياري جا ماڻهو هڪ هئا. هن چيو ته شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو به لياري مان کٽيو هو. ان وقت به لياري هڪ هيو. آصف علي زرداري به لياري مان سيٽ کٽي پر جڏهن بلاول ڀٽو زرداري اليڪشن ۾ لياري مان اٿيو ته هارائي ويو ان جو سبب لياري جي ماڻهن عليحدگي پيدا ڪئي وئي. ان ڪري ئي بلاول ڀٽو زرداري هارايو. هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري کي سازش تحت هارايو ويو. سعيد غني چيو ته آئنده بلدياتي چونڊن جو تياريون شروع آهن. پيپلز پارٽي جا نمائندا توهان وٽ ايندا. هاڻي بلاول ڀٽو زرداري کي ڪير به هارائي نه سگهندو. هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جنهن کي بلدياتي اليڪشن ٽڪيٽ ڏيندو ان کي ئي ووٽ ملندو. سعيد غني چيو ته اهو اميدوار بلاول ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جو اميدوار هوندو ۽ اهو ئي کٽندو. سعيد غني چيو ته ايم ڪيو ايم هن وقت ڀرپور سازش ڪري رهي آهي، ايم ڪيو ايم اردو ڳالهائيندڙن کي سنڌين ، بلوچن ۽ پٺاڻن کي ويڙهائڻ چاهن ٿا. ايم ڪيو ايم ان ڪري سازش ڪرڻ چاهي ٿي ته جيئن هنن جي دڪان هلي. سعيد غني چيو ته ايم ڪيو ايم ڪراچي سان مخلص ناهن. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم وارا پهريان به ڪراچي سان مخلص نه هئا ۽ هاڻي به ناهن. جلسي کي خطاب ڪندي پيپلز پارٽي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ۽ وزيراعليٰ سنڌ جي معاون خاص وقار مهدي چيو ته اڄ جو شاندار جلسو لياري جي پراڻي ياد ڏياري رهيو آهي. هن چيو ته اڄ پراڻا دوست لياري ۾ مليا. وقار مهدي چيو ته لياري ڀٽو جو قلعو هو ۽ رهندو. 2018 جي اليڪشن ۾ لياري جي قومي ۽ صوبائي حلقن ۾ ڇا ٿيو سڀني کي خبر آهي. هڪ سازش تحت چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري کي لياري جي اين اي 246 تي هارايو ويو. آر ٽي ايس کي ويهاريو ويو لياري جي تڪ جو رزلٽ دير سان ڏنو ويو. جنهن سان سازش تحت  چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري کي هارايو ويو. وقار مهدي چيو ته لياري ۾ موجوده وفاقي حڪومت پاران ڪا ملازمت نه ڏني وئي ۽ نه ئي ڪو ڪم ڪرايو آهي. جلسي سان پيپلز پارٽي جي سينيئر رهنما نبيل گبول خطاب ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري وقارمهدي ۽ ڪراچي ڊويزن جي صدر سعيد غني کي ڀليڪار ڪريان ٿو. هن چيو ته اڄ اين اي 246 جي آفيس جو افتتاح ڪيو ويو. نبيل گبول چيو ته عمران خان ڀڄائڻ جي لاءِ تيار رهو. اڄ لياري ۾ پيپلز پارٽي ۾ ڪا به گروپنگ ناهي. نبيل گبول چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي لانگ مارچ ڪندا سين. هن چيو ته ڪالهه شهباز شريف آصف علي زرداري ۽ چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري جي دعوت تي گهرايو، شهباز شريف بغير لالچ کاڌو به نه کارائيندو آهي. شهباز شريف سميت ن ليگ جي قيادت سمجهو ته عمران خان کي پيپلز پارٽي کانسواءِ هٽائڻ ممڪن ناهي. ان لاءِ شهباز شريف آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو جي دعوت ڪئي. نبيل گبول چيو ته لياري وارن جي خدمت جي لاءِ هر وقت پنهنجي آفيس ۾ موجود رهندس جڏهن ته ايندڙ آچر ڏينهن 13 فيبروري تي سپرهاءِ وي تي گبول ڳوٺ تي موبلائيزيشن جلسا ڪندا سين، جنهن ۾ سعيد غني شرڪت ڪندو. ان موقعي تي جاويد ناگوري چيو ته اتحاد ٽائون ۾ هاڻي پيپلز پارٽي جو ايونٽ هو اي اين پي جي ڊسٽرڪٽ جي قيادت پيپلز ۾ شموليت اختيار ڪئي آهي. هن چيو گذريل چونڊن ۾ لياري جي 2 قومي اسيمبلي جي سيٽن کي گهٽائي هڪ ڪئي وئي آهي. لياري مان بلاول ڀٽو زرداري کي سازش تحت هارايو ويو. جاويد ناگوري چيو ته سنڌ کي ٽوڙڻ جي سازش ٿي ته سڀ کان پهريان لياري احتجاج ڪيو. ماضي ۾ لياري ۾ سازش تحت ڀاءُ کي ڀاءُ هٿان قتل ڪرايو ۽ لڙايو ويو. جاويد ناگوري چيو ته لياري ۾ هاڻي ڪا به گروپنگ ناهي. جتي ڀٽو جو نالو ايندو آهي اسان متحد هوندا آهيون. جاويد ناگوري چيو ته لانگ مارچ ۾ ويندڙ والنٽري طور تي پنهنجا نالا لکرائن. لانگ مارچ جي شروعات مزار قائد کان ٿيندي، مهانگائي ۽ معاشي عذاب ڦاٿل ماڻهو عمران خان خلاف لانگ مارچ ۾ شامل ٿيندا. هن چيو ته ملڪ کي آءِ ايم ايف جي حوالي ڪيو ويو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *