اپوزيشن جماعتن جو وڏو اتحاد ٺهندو، پ پ ۽ پي ٽي آءِ هڪ ٻئي جي ويجهو اينديون: اعتزاز احسن

اسلام آباد (اين اين آءِ) سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ اعتزاز احسن چيو آهي ته ايندڙ سياست ۾ سياسي منظر مختلف هوندو، اپوزيشن جماعتن جو وڏو اتحاد ٺهندو، پ پ ۽ پي ٽي آءِ هڪ ٻئي جي ويجهو اينديون، پنهنجي چيمبر ۾ صحافي سان ڳالهائيندي هن چيو ته ن ليگ جي ڪري ميثاق جمهوريت ختم ٿيو، هي پنهنجي پاليسين سبب اڪيلي ٿي وئي آهي، ن ليگ لاءِ صورتحال وڌيڪ سخت ٿيندي، مخالف پارٽين جو مختلف معاملن تي موقف هڪ ئي آهي، هن چيو ته پاناما ليڪس تي ٻين اپوزيشن پارٽين سان مشاورت جلد مڪمل ڪئي ويندي، پهرين ڏينهن کان موقف آهي ته پاناما ليڪس معاملي جو انٽر نيشنل فرم کان آڊٽ ڪرايو وڃي، هن چيو ته وزيراعظم ملاقات جي خواهش ڏيکاري هئي، آصف زرداري سان منهنجي ڳالهه ٻولهه ٿي هئي ۽ مون کيس چيو ته وزيراعظم سان ملاقات نه ڪريو، آصف زرداري واضح ڪيو آهي ته هو وزيراعظم سان ملاقات نه ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *