20 سالن کان حڪمرانن جي احتساب لاءِ ڪوشان آهيان، لڳي ٿو ته الله تعاليٰ کي پاڪستاني قوم تي رحم اچي ويو آهي: عمران خان

لاهور (اين اين آءِ) پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته 20 سالن کان ڪوشش ڪري رهيو آهيان ته حڪمرانن جو احتساب ٿئي ۽ لڳي ٿو ته الله تعاليٰ کي پاڪستاني قوم تي ترس اچي ويو آهي لنڊن دوري ۾ آڊٽ جي حوالي سان تجربو رکندڙ انٽرنيشنل فرمن سان ملاقاتون به طئي آهن خبر پئي آهي ته چوڌري نثار به ساڳئي اڏام ۾ لنڊن روانو ٿي رهيو آهي جيڪڏهن نوازشريف بيمار آهي ته دعا آهي ته الله تعاليٰ کيس تڪليف ختم ڪري ۽ صحت عطا ڪري اهڙنخ يالن جو اظهار هن لاهور کان لنڊن روانگي کان اڳ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو عمران خان چيو ته ان سان گڏ جهانگير خان ترين ۽ عبدالحليم خان به لنڊن روانا ٿي رهيا آهن جتي آبشور ڪمپنين جي آڊٽ جي حوالي سان تجربو رکندڙ انٽرنيشنل فرمن سان ملاقاتون رٿيل آهن هن چوڌري نثار بابت ساڳي اڏام ۾ روانو ٿيڻ بابت سوال جي جواب ۾ چيو ته مون کي ميڊيا ٻڌايو آهي پر هو ڇو وڃي رهيو آهي مون کي ان جي ڪا خبر نه آهي جيتري قدر نوازشريف جي لنڊن روانو ٿيڻ جو سوال آهي ته مان ڪنهن شڪ جو اظهار نه ڪندس جيڪڏهن هو بيمار آهي ته الله تعاليٰ کيس صحتياب ڪري هن چيو ته پانامه ليڪس جي آڏو اچڻ کان پوءِ سڄي دنيا ۾ جاچ ٿي رهي آهي جمهوريت ۾ حڪمران جوابدار هوندا آهن دنيا ۾ ڪٿي ايئن ناهي ٿيندو ته اپوزيشن کي چيو وڃي ته عوام به ايئن ئي آهيو پر پنهنجي مٿان لڳل الزامن جو جواب ڏنو وڃي ٿو هن چيو ته مان پاڪستان جو شاندار مستقبل ڏسي رهيو آهيان 20 سالن کان ڪوشش ڪري رهيو آهيان ته حڪمرانن جو احتساب ٿئي ۽ لڳي ٿو ته الله تعاليٰ کي پاڪستاني قوم تي ترس اچي ويو آهي ۽ ان ۾ اپوزيشن يا ڪنهن ٻئي جو هٿ نه آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *