آرمي چيف آپريشن ضرب عضب ۾ بهادري جو مظاهرو ڪندڙ آفيسرن ۽ جوانن کي ايوارڊن سان نوازي ڇڏيو

اسلام آباد(اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف خميس ڏينهن دهشتگردن خلاف جاري آپريشن ضرب عضب ۾ بهادري ۽ دليري جو مظاهرو ڪندڙ فوجي آفيسرن ۽ جوانن ۾ گيلنٽري ايوارڊ ورهايا. ان ڏس ۾ جي ايڇ ڪيو ۾ هڪ پروقار تقريب ٿي جنهن ۾ آرمي چيف ضرب عضب جي شهيدن جي وارثن ۽ غازين کي مختلف ايوارڊن سان نوازيو ويو. 35 آفيسرن ۽ جوانن کي تمغه بسالت ۽ 35 آفيسرن ۽ جوانن کي ستاره امتياز (ملٽري) جي اعزازن سان نوازيو ويو. 5 آفيسرن ۽ جوانن کي گڏيل قومن جو ميڊل ڏنو ويو. شهيدن آفيسرن ۽ جوانن جا ميڊل ۽ ايوارڊ سندن خاندان جي ڀاتين وصول ڪيا. آرمي چيف ان موقعي تي شهيدن جي وارثن سان ڪجهه وقت گذاريو ۽ ساڻن خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *