اپوزيشن آرڊيننس پڙهڻ کانسواءِ گوڙ ڪيو، معاشي استحڪام لاءِ گورننس نظام بهتر ڪرڻو پوندو: عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نيب آرڊيننس ۾ ترميم ڪرڻ ڏکيو هو پر اپوزيشن آرڊيننس پڙهڻ کانسواءِ گوڙ ڪيو. اسلام آباد ۾ سول سرونٽس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته 2019 ڏکيو سال هو، ملڪ هن وقت قرضن ۾ ٻڏل آهي، 2008 کانپوءِ ملڪ تي 24 هزار ارب رپين جا قرض چڙهيا، جڏهن ته ملڪي آمدني جو اڌ حصو قرضن جي وياج ۾ هليو ويندو آهي، معاشي استحڪام لاءِ گورننس جي نظام کي بهتر ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ملڪ ۾ پئسو ان وقت ايندو، جڏهن صنعتون هلنديون، ٽيڪس ڪيس ايف بي آر جا آهن، ڪاروباري معاملن ۾ نيب جي مداخلت نه ٿيڻ گهرجي، نيب جي خوف سان ترقياتي منصوبن ۾ بيورو ڪريسي جو ڪردار محدود ٿي ويو هو، جڏهن ته اپوزيشن نيب ترميمي آرڊيننس پڙهڻ کانسواءِ گوڙ ڪيو، نيب آرڊيننس ۾ ترميم ڪرڻ ڏکيو هو. سندس چوڻ هو ته جمهوريت ۾ سياسي مشاورت سان ۽ اتفاق راءِ سان هلڻ گهرجي، پارٽي اندر اتفاق راءِ ڪرڻو هوندو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *