آرمي چيف جي نوڪري جي مدي ۾ واڌ جو معاملو، حڪومت منع نامو گهري ورتو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي سرڪار آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي ملازمت جي مُدي ۾ واڌ واري سُپريم ڪورٽ جي فيصلي تي اسٽي آرڊي گهري ورتو آهي. وفاقي حڪومت طرفان عدالتي فيصلي تي نظرثاني درخواست داخل ڪرائڻ کانپوءِ وڌيڪ هڪ درخواست داخل ڪرائي وئي آهي. جنهن ۾ وفاقي سرڪار آرمي چيف جي ملازمت جي مُدي ۾ 6 مهينن جي واڌ واري فيصلي تي اسٽي آرڊرجاري ڪرڻ جي استدعا ڪئي آهي.درخواست ۾ موقف رکيو ويو آهي ته ڇاڪاڻ جو 28 نومبر واري فيصلي تي نظرثاني درخواست داخل ڪرائي وئي آهي، تنهن ڪري عدالتي فيصلي خلاف اسٽي آرڊر جاري ڪيو وڃي.واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ وفاقي سرڪار آرمي چيف جي ملازمت جي مُدي ۾ واڌ واري سُپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف نظرثاني درخواست داخل ڪرائي هئي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *