اُهو نٿو ٿي سگهي ته ڪجهه آفيسر گڏجي آرمي چيف کي تبديل ڪري ڇڏين: چوڌري نثار

اسلام آباد (بيورو) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته آرمي چيف جنرل راحيل شريف کي حڪومت، فوج ۽ سڄي قوم جي مڪمل حمايت حاصل آهي، پاڪ فوج نظم ضبط جي پابند آهي ان لاءِ ڪجهه آفيسرن جو گڏجي آرمي چيف کي تبديل ڪرڻ ناممڪن آهي. اسلام آباد ۾ نادرا جي آن لائين درخواست فارم سسٽم جي افتتاحي تقريب کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي گهرو وزير چيو ته پاڪستان ۾ حڪومت ۽ انتظامي معاملا هلائڻ آسان ناهي. هن چيو ته تحريڪ انصاف جي ڌرڻي تي هــُو هڪ سڄو ڪتاب لکي سگهي ٿو، پر خراب ڪپڙا چوڪ تي ڌوئڻ ٺيڪ ناهي. سندس چوڻ هو ته سياسي ماڻهن بابت سازشن جي ڳالهه ٿيندي رهندي آهي پر فوج ڪڏهن به اهڙي قسم جي تڪرارن جو حصو ناهي بڻي. هن چيو ته هـُو جنگ واري حالت ۾ آهن ۽ دشمن گهٽين ۽ بازارن ۾ لِڪل آهن، فوج خلاف بيان ڏيڻ ملڪ لاءِ نقصانڪار آهي. چوڌري نثار چيو ته پاڪ فوج نظم ضبط جي پابند ۽ دنيا جي بهترين فوج آهي، ملڪ ۾ امن لاءِ پاڪ فوج جون قربانيون فخر جوڳيون آهن. هن چيو ته پاڪستاني فوج واحد فوج آهي جنهن گوريلا جنگ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، اهو ممڪن ئي ناهي ته ڪجهه آفيسر گڏجي آرمي چيف تبديل ڪن، موجوده آرمي چيف کي حڪومت، فوج ۽ سڄي قوم جو مڪمل اعتماد حاصل آهي. ان کان اڳ تقريب کي خطاب ڪندي چوڌري نثار چيو ته نادرا اهو ادارو آهي جنهن تي پاڪستان فخر ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته حڪومت نادرا کي قومي مفاد جو مينڊيٽ ڏنو آهي، پيپلز پارٽي جي آخري دور ۾ نادرا خساري ۾ هو، پر سندن دور ۾ اداري کي پنج ارب رپين جو فائدو ٿيو. وفاقي گهرو وزير چيو ته سندس ذاتي خواهش آهي ته نادرا جو ادارو شفاف ٿئي، گذريل دورن ۾ نادار لکين پرڏيهين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪيا. هن چيو ته 2011ع ۾ 26، 2012ع ۾ 493، 2013ع ۾ 6 هزار ۽ هلندڙ جي ڇهن مهينن ۾ 60 هزار سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪيا ويا. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن آمريڪي ويزا آن لائن ٿي سگهي ٿي ته پاڪستان جا ڇو نه ؟ ڊي جي پاسپورٽ ان ڳالهه تي بنا دير عمل ڪندي آن لائين درخواست فارم سسٽم شروع ڪري ڇڏيو. وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو ته پهريون ڀيرو سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائيندڙ کي بائيو ميٽرڪ ڪرائڻو پوندو، ان کانسواءِ ايندڙ ڇهن مهينن ۾ نادار جي ڊي اين اي ليب ٺاهڻ جو به منصوبو آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *