جيڪڏ هن قاعدا 25 سال نه ٺهيا ته ڇا 25 سال چونڊ ئي نه ڪرائي ويندي؟: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ ا سلام آباد ۾ مڪاني چونڊن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي اٽارني جنرل سان نئين ايڪٽ هيٺ قائدا تيار ڪرڻ جي اڳڀرائي تي ٻڌل رپورٽ 5 آگسٽ تائين گهرائي ورتي آهي، جسٽس جواد ايس خوا جه جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي،حڪومت پاران اٽارني جنرل عدالت ۾ پيش ٿي ٻڌ ايو ته سينيٽ کانپوءِ قومي اسيمبلي به اسلام آباد (ڪيپيٽل ٽيريٽري) لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2015 جي منظوري ڏ ني آهي ، اهو قانون اڄ صحيح لاءِ صدر کي موڪليو ويندو،  ان ايڪٽ جي سيڪشن 17 ۾ اليڪشن ڪرائڻ جي مڪمل اٿارٽي اليڪشن ڪميشن کي ڏ ني وئي آهي، هن عدالت کي خاطري ڪرائي ته ان ايڪٽ هيٺ قائدا 7 ڏينهن ۾ تيار ٿي  ويندا، اليڪشن ڪميشن جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر لا چيو ته جيسيتائين قاعدا نه ٿا تيار ٿين، اليڪشن ڪميشن چونڊ نه ٿي ڪرائي سگهي، جنهن تي عد االت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ايڪٽ ۾ سمورا  ا ختيار توهان کي ڏ نا ويا آهن پوءِ توهان اليڪشن  ڪرائڻ  ۾ رنڊڪ ڇو پيد ا ڪري رهيا آهيو؟  ا سلام آباد جا شهري 23 سالن کان پنهنجن نمائندن جي حق کان محروم آهن، اليڪشن ٿيڻ سان ماڻهن جا مسئلا حل ٿيندا پر پوءِ به  خبر ناهي ڇو ان ۾ ان حد تائين رنڊڪون وڌ يون پيون وڃن، جيڪڏ هن رولز 25 سال نه ٺهيا ته ڇا 25 سال اليڪشن ئي نه ڪرائي ويندي؟ پوءِ ان صورت ۾ سيڪشن 17 کي ڪيڏانهن وٺي ويندا، ان سيڪشن جي موجودگي ۾ اليڪشن ڪميشن اسلام آباد ۾ هاڻ اليڪشن ڪرائڻ جي پا بند آهي، عد الت حڪومت کان نئين ايڪٽ هيٺ قائدا ٺاهڻ جي اڳڀرائي تي ٻڌل رپورٽ طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 5 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *