اُتر وزيرستان ۾ سڪيورٽي فورسز جي جيٽ جهازن ذريعي بمباري، 13 دهشتگرد مارجي ويا

اُتروزيرستان (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اُتر وزيرستان جي علائقي دتا خيل ۾سڪيورٽي فورسز جي جيٽ جهازن ذريعي بمباري جي نتيجي ۾ 13 دهشتگرد مارجي ويا، آءِ ايس پي آر چيو آهي ته بمباري ۾ دهشتگردن جا 5 ٺڪاڻا پڻ تباهه ڪيا ويا آهن. ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب، اتر وزيرستان جي تعلقي دتا خيل ۾ سڪيورٽي فورسز دهشتگردن کي ٺڪاڻن تي بمباري ڪري ڏني. بمباري جي نتيجي ۾ ٺڪاڻن اندر پناهه ورتل 13 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته بمباري جي نتيجي ۾ دهشتگردن جا 5 ٺڪاڻا پڻ تباهه ڪيا ويا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *