ايف آءِ اي ايگزيڪٽ اسڪينڊل جي شروعاتي جاچ رپورٽ چوڌري نثار ڏانهن اماڻي ڇڏي، ڪمپيوٽر جو رڪارڊ ۽ ملازمن جا بيان به شامل

اسلام آباد (بيورو) ايف آءِ اي، ايگزيڪٽ اسڪينڊل جي شروعاتي جاچ رپورٽ وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي ، جنهن ۾ ايگزڪٽ ڪمپني جي آفيس مان قبضي ۾ ورتل ڪمپيوٽرز جو رڪارڊ ۽ ملازمن جا بيان به شامل آهن، جڏهن ته، چوڌري نثار ان حوالي سان اڄ شام ڇهين وڳي اهم پريس ڪانفرنس ڪندو. وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار جي هدايتن تي ايف آءِ اي پاران ايگزيڪٽ ڪمپني جي جعلي ڊگرين واري اسڪينڊل جي جاچ جاري آهي. ايف آءِ اي راولپنڊي ۾ ايگزيڪٽ ڪمپني جي آفيس سيل ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته هن وقت تائين 23 ملازمن جا بيان پڻ رڪارڊ ڪيا ويا آهن. ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم ايگزيڪٽ آفيس جي قبضي مان ورتل چاليهه ڪمپيوٽرزڊ جو فرانزڪ تجزيو شروع ڪري ڇڏيو ڇڏيو آهي، جنهن جي نگراني ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم جا 2 ماهر ڪري رهيا آهن. ذريعن موجب، فرانزڪ تجزئي ۾ هفتي کان 10 ڏينهن لڳي سگهن ٿا پر ايف آءِ اي شروعاتي جاچ رپورٽ مڪمل ڪري وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار جي حوالي ڪري ڇڏي آهي. رپورٽ ۾ ايف آءِ اي پاران هن وقت تائين ڪيل جاچ بابت گهرو وزير کي آگاهي ڏني وئي آهي، جڏهن ته ايگزڪٽ ڪمپني جي آفيسز مان قبضي ۾ ورتل ڪمپيوٽرز جو رڪارڊ ۽ ملازمن جا بيان به شامل آهن.  وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار ان حوالي سان اڄ شام ڇهين وڳي پريس ڪانفرنس پڻ ڪندو. ايف آءِ اي ايگزڪٽ ڪمپني جي اعليٰ عملدارن کي به طلب ڪري ورتو آهي، جڏهن ته ڪمپني جي سي اي او شعيب شيخ جو سڀاڻي بيان رڪارڊ ٿيڻ جو امڪان آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *