ايپڪس سنڌ ڪميٽي پاران متحده باني جي نالي سان منصوب هنڌن جا نالا تبديل ڪرڻ جي منظوري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اپيڪس ڪميٽي جي 22هين اجلاس ۾ سيف سٽي پرجيڪٽ بابت خدشن جو اظهار ڪيو ويو ته قومي احتساب بيورو (نيب) جي مداخلت سبب ان منصوبي ۾ دير ٿي آهي انڪري اهو فيصلو ڪيو ويو ته نيب کي اعتماد ۾ وٺي ان منصوبي کي ٻيهر شروع ڪيو وڃي. اپيڪس ڪميٽيءَ جو اجلاس اڄ اڱاري ڏينهن وزيراعليٰ هائوس جي ڪانفرنس روم ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال، سڌسماءَ وارو وزير سيد ناصر حسين شاهه، قانون وارو وزير ضياءُالحسن لنجار، چيف سيڪريٽري سنڌ رضوان ميمڻ، ڪورڪمانڊر ڪراچي، ڊي جي رينجرز ميجر جنرل محمد سعيد، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري سهيل راجپوت، ايڊووڪيٽ جنرل ضمير گهمرو، انسپيڪٽر جنرل پوليس سنڌ اي ڊي خواجا، صوبائي گهرو سيڪريٽري قاضي شاهد پرويز، ڊائريڪٽر ايف آءِ اي منير شيخ، قائم مقام پروجيڪٽ ڊائريڪٽر سليم ٻرڙو، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا سربراهن ۽ لاڳاپيل عملدران شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ مدرس بابت قانون، ڪراچي سيف سٽي منصوبي، سائبر ڪرائم، اي ٽي اي تحت ڊيٽينشن پاورز، اسٽريٽ ڪرائم ڪيسز، لينڊ گريبر وارن مامرن، بينڪن جي سڪيورٽي، موٽرسائيڪلن ۾ ٽريڪرز جي انسٽاليشن، درگاهن جي سڪيورٽي آڊٽ، معياري رجسٽريشن نمبر پليٽس، ڪچي آبادين وارن علائقن ۾ آپريشن تي ايجنڊا شامل هئا. آءِ جي پوليس ۽ گهرو سيڪريٽري مدرسن بابت قانون جي مسودي تي اجلاس کي آگاهي ڏني. ڪراچي سيف سٽي منصوبي بابت اپيڪس ڪميٽي اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته نيب ان منصوبي ۾ مداخلت ڪئي ۽ نيب جي ڪري سيف سٽي منصوبو دير جو سبب بڻيو. وڏي وزير چيو ته آءِ ٽي وارن کي گهرائي پروڪيورمينٽ واري معاملي کي حتمي شڪل ڏني وڃي. وڏي وزير چيف سيڪريٽريءَ کي هدايت ڪئي ته ڪراچي سيف سٽي منصوبي جو پروسيس ٻيهر شروع ڪيو وڃي. اهو منصوبو مونکي هر حال ۾ ڪرڻو آهي، اهو شهر جي سڪيورٽيءَ جي حوالي سان اهميت وارو آهي. نيب سان ڳالهه ڪري پنهنجن خدشن کان آگاهه ڪريو ته جيئن اهو منصوبو شروع ڪري سگهجي. واضح رهي ته سيف سٽي منصوبي جي ڪنسلٽنسي 40 ملين رپين کان وڌيڪ جي آهي، ان جي ابتدائي اسٽيج تي ئي نيب خط لکيو آهي، مختلف ايجنسين وڏي وزير کي صلاح ڏني ته اهو منصوبو اهم آهي، ان کي ڪنهن بهتر طريقي سان لاڳو ڪرڻ گهرجي. شهر ۾ اسٽريٽ ڪرائم ۽ ٻين ڏوهن جي کوجنا ڪرڻ ۽ انهن جي روڪٿام لاءِ سيف سٽي منصوبو ضروري آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اهو مدرسن وارو قانون آءِ جي پوليس بڻايو آهي، وفاقي حڪومت به ان تي قانونسازي ڪري رهي آهي پر اڃا تائين ڪا اڳڀرائي ناهي ڪئي وئي. وڏي وزير ايڊووڪيٽ جنرل ضمير گهمري کي وفاقي حڪومت سان ڳالهائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته اسان وفاقي حڪومت کي اختيار ڏئي سگهون ٿا ته اهي مدرسن تي قانونسازي ڪن. گهرو وزير چيو ته وفاقي حڪومت مدرسن ۾ سڌارن بابت هڪ ٻه ڀيرا اجلاس گهرايا هئا پر اجلاس نه ٿي سگهيا. وڏي وزير صوبائي گهرو وزير کي چيو ته اوهان وفاقي گهرو وزارت کي ٻڌايو ته مدرسن جي سڌارن تي اپيڪس ڪميٽيءَ دير ڪرڻ تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي ۽ ان مسئلي کي فوري طور تي حل وڃي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سائبر قانون جي حوالي سان ڊسمبر 2017ع تي اسان وفاق کي خط لکيو هو، اسان وفاق کي چيو هو ته ڊيٽا شيئرنگ جو معاملو سنڌ پوليس سان ڪيو وڃي. هن چيو ته مان وفاق کي ٻه خط لکيا پر ڪابه مثبت موٽ نه ملي. اي ٽي اي تحت ڊيٽينشن پاورز قانون جي مسودي بابت اپيڪس ڪميٽي اجلاس ۾ تجويز ڏني وئي ته رينجرز کي ڊيٽينشن جا اختيار ڏنا وڃن ۽ ان حوالي سان قانونسازي ڪئي وڃي. وڏي وزير اها تجويز سنڌ ڪابينا ۾ آڻڻ جي هدايت ڪئي. اسٽريٽ ڪرائم بابت اپيڪس ڪميٽي اجلاس کي ٻڌايو ويو ته جوڊيشري اڪيڊمي جي صلاح سان اسٽريٽ ڪرائم ۾ سڌارن آڻي رهيا آهيون، ڪراچيءَ ۾ ڏوهه ڪرڻ جو رجحان وڌي رهيو آهي، موبائل ڦرڻ تي به گولي هلائي ويندي آهي. اپيڪس ڪميٽي اجلاس ۾ تجويز ڏني وئي ته جيڪڏهن اسٽريٽ ڪرائم  ۾ فائر ڪيو وڃي ته ان کي اي ٽي سي زمري ۾ آندو وڃي. وڏي وزير چيو ته مان چاهيان ٿو ته هر حال ۾ اسٽريٽ ڪرمنلز کي سخت کان سخت سزا ملي. هن چيو ته جيڪا به ترميم ڪرڻي آهي ڪئي وڃي شهرين کي هر حال ۾ تحفظ فراهم ڪرڻ گهرجي. وڏي وزير قانون واري وزير کي هدايت ڪئي ته ايندڙ ٻن هفتن اندر اسٽريٽ ڪرائم جو سزائون سخت ڪرڻ جي حوالي سان قانوني مسودي کي منظوريءَ لاءِ موڪليو. لينڊ گريبر بابت اپيڪس ڪميٽي اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته قبضي مافيا خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. سنڌ پوليس کي سول اٿارٽي ڊڪليئر ڪرڻ جي حوالي سان اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته وفاقي حڪومت کي چيو ويو آهي ته سنڌ پوليس کي فارين آرڊر 1951ع ۾ سول اٿارٽي ڏني وڃي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته مان پاڻمرادو ان مامري تي وفاقي حڪومت سان ڳالهائيندس. اجلاس ۾ آگاهي ڏني وئي ته سي پيڪ رٿائن ۾ جيترا پوليس اهلڪار هوندا اوترا ئي پرائيوٽ گارڊ رکڻ جي انهن کي هدايت ڪئي وئي آهي. وڏي وزير آءِ جي پوليس کي هدايت ڪئي ته نان-سي پيڪ رٿائن تي ڪم ڪندڙ چين جي ماڻهن کي به سڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي. اوهان انهن سان ڳالهايو ۽ چائنيز جي سڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ايس او پي بڻائي ڏيو. وڏي وزير فيصلو ڪندي چيو ته ڪنهن به چيني ماڻهوءَ کي جيڪڏهن واپاري پنهنجي منصوبي لاءِ آڻن ٿا ته انهن کي سڪيورٽيءَ جي ايس او پي فالو ڪرڻ گهرجي. وڏي وزير آءِ جي پوليس کي هدايت ڪئي ته چيمبر ۽ فيڊريشن هائوس ذريعي سموري واپاري برادري کي ٻڌايو وڃي. چين ۾ پاڪستان سفارتخانو جيڪو به ويزا ڏئي اهو سنڌ حڪومت کان پرڏيهي آفيس ذريعي شيئر ڪيو وڃي. وڏي وزير چيف سيڪريٽريءَ کي ان بابت مڪينزم بڻائڻ جي هدايت ڪئي. بينڪن جي سڪيورٽيءَ بابت اپيڪس ڪميٽي اجلاس ۾ گهرو سيڪريٽري قاضي شاهد پرويز ٻڌايو ته بينڪن جي سڪيورٽيءَ جي اڳئي ايس او پي آهي، اسان بينڪ مالڪن سان اجلاس ڪيا آهن. پرائيوٽ بينڪ ايس او پي کي فالو ناهن ڪندا، اسان ان تي عملدرآمد ڪرائي رهيا آهيون. سنڌ پوليس ڪرائم رڪارڊ برانچ سان جڙيل هڪ سافٽ ويئر بڻائي رهي آهي، جيل مان جيڪو به قيد آزاد ٿيندو سافٽ ويئر ذريعي سڀني کي شيئر ٿي ويندو. وڏي وزير آءِ جي پوليس کي هدايت ڪئي ته ان سافٽ ويئر جي جلد شروعات ڪئي وڃي. موٽرسائيڪلن ۾ ٽريڪرز لڳائڻ بابت اپيڪس ڪميٽي اجلاس کي گهرو سيڪريٽريءَ ٻڌايو ته موٽرسائيڪلن ۾ ٽريڪرز لڳائڻ بابت قانون بڻايو ويو آهي. ٽرانسپورٽ کاتو جلد سنڌ اسيمبليءَ مان ڄاڻايل قانون پاس ڪرائيندو. اپيڪس ڪميٽيءَ ۾ بوهري برادري جي پروگرام ۽ پرنس ڪريم آغا خان جي ڪراچي اچڻ تي سڪيورٽي انتظامن جي ساراهه ڪئي وئي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته پرنس ڪريم آغا خان خط لکي اسانجي ڪارڪردگيءَ جي واکاڻ ڪئي آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه درگاهن جي سڪيورٽي آڊٽ جي حوالي سان اپيڪس ڪميٽي اجلاس ۾ ٽن کاتن گهرو کاتي، ورڪس اينڊ سروسز کاتي ۽ اوقاف کاتي کي گڏيل اجلاس ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ان اجلاس ۾ سڪيورٽي آڊٽ بابت ضروري اڏاوتون ڪيون وڃن. وڏي وزير چيو ته سال 2006ع ۾ بارڊ سڪيورٽي فورس بڻائي وئي هئي جنهن ۾ 1000 جوان ڀرتي ڪيا ويا هئا. وڏي وزير آءِ جي پوليس کي هدايت ڪندي چيو ته فورس کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ انهن کي سموريون سهولتون فراهم ڪيون وڃن ان فورس جي جوانن کي سنڌ-بلوچستان سرحد تي مقرر ڪيو وڃي. معياري نمبر پليٽ رجسٽريشن واري قانون بابت اپيڪس ڪميٽي اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته معياري نمبر پليٽس قانون تي مڪمل ڪم ڪيو ويو آهي. ڪارن ۽ موٽرسائيڪلن جي نمبر پليٽ بلڪل واضح ۽ نمايان جاري ڪيون وينديون. اپيڪس ڪميٽيءَ ۾ تجويز ڏني وئي ته حڪومت چاهي پئي ته رجسٽريشن ڪاغذات ايڪسائيز کاتو لاڳاپيل ڊاڪ واري پتي تي ڪوريئر ذريعي موڪليا وڃن، ڄاڻايل ڪارروائيءَ سان صحي ايڊريس جي به ڄاڻ حاصل ٿي سگهندي ۽ اهڙي عمل سان ڪنهن به قسم جي ڏوهه جي صورت ۾ گاڏي ٽريس ڪرڻ سولي ٿي ويندي. آءِ جي پوليس اپيڪس اجلاس ۾ ٻڌايو ته وڏي وزير جي هدايت تي ڊرائيونگ لائسنس ڪوريئر ذريعي اماڻيا پيا وڃن. اپيڪس اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪچي آبادين ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن ڪيو ويندو جنهن جي تياريءَ جو فيصلو صحيح وقت تي ڪيو ويندو. اپيڪس اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته الطاف حسين ۽ سندس خاندان جي نالي سان 62 عمارتون ۽ روڊ منسوب آهن انهن سمورن نالن کي تبديل ڪرڻ جي منظوري ڏني وڃي، ان تي وڏي وزير چيو ته ان فيصلي کي ڪابينا اڳئي منظوري ڪري ڇڏيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *