سياستدانن جو فيصلو ايندڙ عام چونڊن ۾ عوام ڪندو: وزيراعظم

ڪرڪ (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته عام چونڊون اچڻ واريون آهن، جنهن ۾ سياستدانن جو فيصلو عوام کي ڪرڻو آهي. ڪرڪ ۾ نيشپا تيل، گئس ۽ ايل جي پي منصوبي جي افتتاح کانپوءِ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته منصوبي سان او جي ڊي سي ايل کي سالياني 60 ارب رپين جي آمدني ٿيندي، منصوبي ۾ 42 ارب رپين جي رائلٽي ٿي چڪي آهي، اميد ته ان سان مقامي آبادي کي گئس جي فراهمي بهتر ٿيندي. سندس چوڻ هو ته تيل ۽ گئس منصوبي تي 20 ارب رپيا لاڳت آئي آهي، جڏهن ته منصوبي سان پيدا ٿيندڙ گئس جي ماليت سالياني 7 ارب رپيا آهي. شاهد خاقان عباسي چيو ته اسان جي حڪومت آئي ته ملڪ ۾ گئس ۽ بجلي جو بحران هو، هتي پيدا ٿيندڙ گئس جو وڏو حصو زيان ٿي رهيو هو، سڀ ڪم رُڪيل هئا پر اڄ صورتحال بهتر آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ 16-16 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿيندي هئي پر اڄ پاڪستان اضافي بجلي پيدا ڪري رهيو آهي، لائن لاسز وارن علائقن ۾ مجبورن لوڊشيڊنگ ڪرڻي پئجي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته اهو نواز شريف جو نظريو هو، جنهن کي پورو ڪري رهيا آهيون، اهي ڪم گذريل حڪومتون به ڪري پئي سگهيون پر ڪنهن به معاملن کي سڌارڻ لاءِ نه سوچيو. سندس چوڻ هو ته اڄ جيڪي فيصلا ٿي رهيا آهن، انهن جي ڪا حيثيت ناهي، عام چونڊون اچڻ واريون آهن ۽ فيصلو عوام کي ڪرڻو آهي ته اهي ترقي کي ووٽ ڏيڻ چاهيندا يا گاريون ڏيندڙن کي ووٽ ڏيندا. ان موقعي تي وزيراعظم ڪرڪ ۾ انڊس هاءِ وي جي ٻن روڊن کي مڪمل ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته هتي وومين يونيورسٽي ڪئمپس به ٺاهيو ويندو.27

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *