عدليه جي عزت انصاف سان ٿيندي آهي ڊيڄارڻ ۽ ڌمڪائڻ سان نه: مريم نواز

فيصل آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي ڌيءَ مريم نواز چيو آهي ته عدليه جي عزت انصاف سان ٿيندي آهي ڊيڄارڻ ۽ ڌمڪائڻ سان ناهي ٿيندي. فيصل آباد اڄ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي ۽ سندس فيصلو ڪڏهن به غلط ناهي هوندو ۽ فيصل آباد جو فيصلو انصاف تي ٻڌل آهي، ن ليگ فيصل آباد ۾ ايتري پکڙجي چڪي آهي جو پاڻ ئي ٽي ٽوئنٽي کيڏندي رهندي آهي، ن ليگ پاڻ ۾ ئي مقابلو ڪندي رهندي آهي ۽ چونڊن ۾ ڪنهن مخالف کي ٽيم ناهي بڻائڻ ڏيندي. فيصل آباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز جو چوڻ هو هڪ کان پوءِ هڪ سزا ٻڌائي پئي وڃي، وزارت عظميٰ مان به ڪڍيو ويو، وزارت عظميٰ مان ڪڍڻ کان پوءِ به کين سک نه مليو ته هنن مسلم ليگ ن جي صدارت تان به هٽائي ڇڏيو پر ن ليگ پنهنجي صدر ۽ نشان ڦرجڻ جي باوجود سينيٽ ۾ سڀ کان وڏي پارٽي بڻجي آئي. فيصل آباد جي شهري مون کي هڪ ڳالهه ٻڌائن ته توهان جي ڀيڻ اڄ توهين جي ان عدالت ۾ توهان جي ليڊر جو ڪيس کڻي آئي آهي ڇا توهان کي نواز شريف جو فيصلو منظور آهي. سندس چوڻ هو ته نيب جي عدالت کان سڌو فيصل آباد آئي آهيان، ميان صاحب ۽ آئون هن هفتي جي ٽئين پيشي لاءِ اُتي موجود هئاسين، ست تاريخ تي جيڪي ڇهه مهينا نيب جي ڪيس جو فيصلو ڪرڻ لاءِ ڏنا ويا هئا اُهي ختم ٿي چڪا آهن ۽ ڪجهه به نه ملي سگهيو آهي، ڇهن مهينن ۾ ڇهن رپين جي به ڪرپشن ناهي، ڏيڍ سالن ۾ پنجون ڀيرو نواز شريف جو ٽرائل ٿي رهيو آهي، ايتري عرصي ۾ ڪجهه به نه مليو ته ايندڙ ٻن مهينن ۾ ڇا ملندو؟ سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اڄ نيب ۾ واجد ضياءَ کي اچڻو هو، هن کي نواز شريف جي خلاف ڪهڙي جاچ ڪرڻي هئي پر هن ٺيڪو کڻي پنهجي هڪ ڪزن کي ڏئي ڇڏيو ۽ ان سان گڏوگڏ کيس 50 هزار پائونڊ به ڏنا ۽ پوءِ به ڪجهه نه مليو، عدالت ۾ اسان جي وڪيل واجد ضياءَ جي ڪزن کان پڇاڻو ڪيو ته توهان ڪيترا پيسا ورتا آهن ته هن چيو ته آئون نٿو ٻڌائي سگهان اهو منهنجو ذاتي معاملو آهي، قومي ناڻي مان توهان کي پيسا ڏنا ويا ته اهو ذاتي معاملو ڪيئن ٿيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *