چوري ۽ سينا زوري نه هلندي، ڦريل مال واپس ڪرڻو پوندو: وفاقي حڪومت

اسلام آباد (اين اين آءِ) وفاقي ڪابينا سڪوڪ بانڊ جاري ڪرڻ لاءِ فنانشل ايڊوائزر جي مقرري، اي ڪامرس پاليسي جي منظوري ڏئي ڇڏي، جڏهن ته سڌ سماءَ جي خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ اڳوڻن حڪمرانن تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته مغليا خاندان قوم جي پيسن تي شاهاڻي زندگي گذاريندا رهيا، عوام کي ٻڌائيندا رهنداسين ته سياسي گند کي پورڻ جي ضرورت آهي، واپارين جا جائز مسئلا حل ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، حڪومت ٽيڪس رجسٽريشن جي عمل کان پوئتي نه هٽندي، ماني ۽ اٽي جي قيمت ۾ واڌ هڪ سازش آهي، گيس جي قيمتن تي عمل آگسٽ ۾ ٿيندو، ميڊيا سينسرشپ جي حوالي سان ڏنو ويندڙ تاثر درست نه آهي، اڱاري تي وزيراعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ گذريل حڪومت پاران ميڊيڪل ۽ ڪيمپ آفيسن جي خرچن جو تفصيل پيش ڪيو ويو، ذريعن موجب ڪابينا رولز آف بزنس، 1973 جي شيڊول هڪ ۾ ترميم جي منظوري ڏني، وفاقي ڪابينا اي ڪامرس پاليسي فريم ورڪ جي منظوري ڏئي ڇڏي، وفاقي ڪابينا پي اي ايف بيس شهباز ۽ ان جي ڀرپاسي جي علائقن کي جيڪب آباد ڪنٽومينٽ جو ايرا قرار ڏيڻ جي منظوري ڏني، زرعي ترقياتي بينڪ جي مڪمل ڪاروبار تي وفاقي ڪابينا کي بريفنگ ڏني وئي، نيو ٽيڪ جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جي منظوري ڏني وئي، ذريعن موجب گورنر هائوس ۾ سرڪاري عمارتن جي مستقبل تي بريفنگ ڪابينا ۾ جيڪا پيش ڪئي وئي، ڪابينا نيپرا جي چيئرمين جي مقرري جي منطوري ڏني، ڪابينا ريڪوري آف مور گيج بيڪ سيڪيورٽي آرڊيننس 2019 منظور ڪري ورتو، ڪابينا ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون اٿارٽي جو وقتي چيئرمين جي مقرري جي منظوري ڏني، ڪابينا اسلام آباد هيلٿ ڪيئر سهولتن جي بل 2019 جي منطوري ڏني، ڪابينا شاپنگ بيگز جي سامان گهرائڻ ۽ سيل تي مڪمل پابندي لڳائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، وفاقي ڪابينا پنهنجي فيصلن تي عمل ڪرائڻ جو جائزو ورتو، ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته نهايت اهم ڪابينا جو اجلاس ٿيو، هن چيو ته گذريل اجلاس ۾ تعليم جي وزير ڪجهه ڄاڻ توهان جي اڳيان رکي، هن چيو ته ڪابينا فيصلو ڪيو آهي ته ماضي جي حڪمرانن جي دورن جو تفصيل اڳيان آندو ويندو، هن چيو ته سمورن ملڪن کان تفصيل وٺي ميڊيا اڳيان رکنداسين، فردوس عاشق اعواڻ ٻڌايو ته عامر علي احمد کي چيئرمين سي ٽي ڊي اي طور 3 مهينن جي واڌ ڏني وئي آهي، وزيراعظم اٽي ۽ ماني جي قيمت ۾ واڌ جو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي، هن چيو ته وزيراعظم صوبائي حڪومت کان رپورٽ طلب ڪئي آهي، هن چيو ته حڪومت صحافت جي آزادي ۽ راءِ جي اظهار جي آزادي تي يقين رکي ٿي، هن چيو ته ڪو اهڙو صحافي ٻڌائي جنهن تي وات تي اسان ٽيپ هڻي ڇڏي هجي، هن چيو ته ڏٺو وڃي ته ڪهڙو مائينڊ سيٽ آهي جيڪو پاڪستان جو غلط تاثر پيدا ڪرڻ ۾ مصروف آهي، ميڊيا کي وڌيڪ سگهارو ڪنداسين، هن چيو ته سياسي گند هاڻ پنهنجي پڄاڻي تي پهچڻ وارو آهي، ان کان اڳ فردوس عاشق اعواڻ ٽوئيٽ ۾ اعلان ڪندي چيو ته شاهد خاقان عباسي جو چئلينج قبول آهي، چوري جا پيرا برطانيا وڃي رهيا آهن، چوري جو معاملو هاڻ ٻين ملڪن ۾ به ويندو، اڃا انڪشاف ٿيڻ وارا آهن، هي پهرين حڪومت آهي جيڪا چورن کي گهر تائين پهچائي رهي آهي. وفاقي وزير مراد سعيد چيو آهي ته نواز شريف سيڪيورٽي جي نالي تي 431 ڪروڙ 83 لک، آصف زرداري سيڪيورٽي اينڊ انٽرٽينمينٽ جي نالي تي قوم جي ٽيڪس جا 316 ڪروڙ 41 لک خرچ ڪيا، يوسف رضا گيلاني جون 5 ڪيمپ آفيسون هيون، 24 ڪروڙ 50 لک 49 هزار رپيا سيڪيورٽي تي خرچ ڪيا ويا، 2015 ۾ نواز شريف جو آمريڪا جو دورو 4 لک 60 هزار ڊالر جو هو، هلندڙ مهيني عمران خان جو هي دورو 60 هزار ڊالر ۾ مڪمل ٿي ويندو، اڱاري تي وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ فردوس عاشق اعواڻ وفاقي وزيرن سان گڏ بريفنگ ۾ ٻڌايو ته هڪ مخصوص خاندان جي سياسي ڳٺ جوڙ سبب قرضن ۾ ٻڏل ملڪ جي عوام سان ناانصافييون ٿيون، هن مغليا خاندان قوم جي پيسن سان ٺٺ واري زندگي گذاري، ان موقعي تي وفاقي وزير مراد سعيد چيو ته نواز شريف سيڪيورٽي جي نالي تي 431 ڪروڙ 83 لک، آصف زرداري سيڪيورٽي اينڊ انٽرٽينمينٽ جي نالي تي قوم جي ٽيڪس جا 316 ڪروڙ 41 لک خرچ ڪيا، يوسف رضا گيلاني جون 5 ڪيمپ آفيسون هيون، 24 ڪروڙ 50 لک 49 هزار رپيا سيڪيورٽي تي خرچ ڪيا ويا، 2015 ۾ نواز شريف جو آمريڪا جو دورو 4 لک 60 هزار ڊالر جو هو، هلندڙ مهيني عمران خان جو هي دورو 60 هزار ڊالر ۾ مڪمل ٿي ويندو، هن چيو ته سنڌ جي ڳالهه ڪريون ته سپريم ڪورٽ ۾ جمع رپورٽ موجب ٿر ۾ هر سال 5 سئو کان وڌيڪ ٻار بک سبب فوت ٿي رهيا آهن، اتي صحت جي اها صورتحال آهي جو ايمبولنس به موجود نه آهي، صاف پاڻي جي مسئلا سڀ کان وڌيڪ سنڌ ۽ پوءِ ڏکڻ پنجاب ۾ نظر ايندا، هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۽ اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان جا انگ اکر ٻڌائين ٿا ته سڀ کان وڌيڪ بک بدهالي سنڌ ۾ آهي جنهن کانپوءِ ڏکڻ پنجاب جو نمبر آهي، وفاقي وزير پ پ جي دور ۾ وزيراعظم رهندڙ يوسف رضا گيلاني بابت ٻڌايو ته يوسف رضا گيلاني جون 5 ڪيمپ آفيسون هيون، 24 ڪروڙ 50 لک 49 هزار رپيا سيڪيورٽي تي خرچ ڪيا ويا، 2015 ۾ نواز شريف جو آمريڪا جو دورو 4 لک 60 هزار ڊالر جو هو، هلندڙ مهيني عمران خان جو هي دورو 60 هزار ڊالر ۾ مڪمل ٿي ويندو، پريس ڪانفرنس ۾ شهباز شريف جي خرچن جو تفصيل ٻڌائيندي هن چيو ته هن قوم جا 872 ڪروڙ، 59 لک 59 هزار رپيا پنهنجي سيڪيورٽي تي خرچ ڪيا، هن ٻڌايو ته شهباز شريف 131 ڪروڙ جو هيليڪاپٽر ورتو، ان کانسواءِ نواز شريف جي وزيراعظم طور استعمال هيٺ جهاز کي شهباز شريف 556 ڀيرا استعمال ڪيو جنهن تي قوم جا 41 ڪروڙ 77 لک 33 هزار رپيا خرچ ٿيا، هن اڳوڻي صدر ممنون حسين بابت ٻڌايو ته هن ڪراچي جي گهر کي ڪيمپ  آفيس ظاهر ڪيو ۽ ان لاءِ 30 ڪروڙ 32 لک 7 هزار رپيا استعمال ڪيا، جڏهن ته شريف خاندان جي سيڪيورٽي تي 22 هزار 717 اهلڪار مقرر هئا، ٻئي پاسي هن پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار جي اچڻ کانپوءِ سيڪيورٽي خرچن ۾ 85.6 سيڪڙو، گهٽتائي، اهڙي طرح سفري الائونس به گهٽ ڪيو ويو، ان جي ۽ عمران خان جي ڪا ڪيمپ آفيس نه آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *