ايم ڪيو ايم پاران سنڌ حڪومت ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم جي سنڌ حڪومت ۾ شموليت جو معاهدو طئي ڪرائڻ لاءِ پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ ڪور ڪميٽين جي قيام تي اتفاق ڪيو ويو آهي هي ڪور ڪميٽيون ٻنهي جماعتن وچ ۾ حڪومت سازي جو فارمولا طئي ڪنديون ۽ معاهدي جي نقطن تي عملدرآمد ڪرائڻ جي معاملن جي به نگراني ڪنديون پيپلزپارٽي جي ڪور ڪميٽي جي سربراهه سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه هوندو جڏهن ته ڪور ڪميٽي جي ميمبر نثاراحمد کهڙو، شرجيل ميمڻ ۽ ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو هوندو ايم ڪيو ايم جي ڪور ڪميٽي جو سربراهه ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي هوندو ڪميٽي ۾ ڊاڪٽر فاروق ستار سيد  سردار احمد ۽ ڪنور نويد جميل شامل هوندا ايم ڪيو ايم پاران گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد خان ۽ پيپلزپارٽي پاران رحمان ملڪ رابطو ڪرائڻ طور زميواريون نڀائيندا معاهدي جي توثيق آصف علي زرداري ۽ الطاف حسين ڪندا ايم ڪيو ايم جي قائد الطاف حسين سان رحمان ملڪ جي ملاقات کان پوءِ ايم ڪيو ايم سنڌ حڪومت ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ٻنهي جماعتن ۾ معاهدو طئي ڪرائڻ لاءِ ڪور ڪميٽي جي قيام تي به اتفاق ڪيو ويو آهي معاهدي تحت 60، 40 جي تناسب تي عمل ڪرايو ويندو معاهدي ۾ اهو طئي ڪيو ويندو ته سمورين حڪومتي ۽ انتظامي پاليسين ۾ ايم ڪيو ايم جي مشاورت شامل هوندي شهري علائقن جي نوڪرين جي ڪوٽا تي ميرٽ تي عملدرآمد ڪرايو ويندو بلدياتي ادارن ۾ مقرريون مشاورت ۽ ميرٽ تي ڪيون وينديون ترقياتي منصوبن جا فنڊ بروقت جاري ڪيا ويندا ايم ڪيو ايم جي عدالت کان مٿانهين قتل ٿيندڙ ڪارڪنن جي جاچ لاءِ سنڌ حڪومت ڀرپور قدم کڻندي ۽ جيڪڏهن ان حوالي سان ڪي شڪايتون آيون ته قانون مطابق ان جو ازالو ڪيو ويندو ايم ڪيو ايم پيپلزپارٽي ڪراچي آپريشن کي ڪامياب بنائڻ لاءِ پنهنجون ڪردار ادا ڪيون ٻئي جماعتون ان ڳالهه تي عمل ڪنديون ته شهر ۾ ڏوهارين جي خلاف ٿيندڙ ڪارروائي جي مڪمل تائيد ڪئي وڃي ۽ شهر جون رونقون بحال ڪرڻ سان گڏ ان جي ترقي لاءِ ٻئي جماعتون گڏجي ڪم ڪنديون پيپلزپارٽي ايم ڪيو ايم جي مارجي ويل ڪارڪنن کي قانون مطابق معاوضو ادا ڪندي امن امان جي صورتحال بهتر ڪرڻ لاءِ جوڙيل پاليسي ۾ ايم ڪيو ايم جي مشاورت کي شامل ڪيو ويندو. ايم ڪيو ايم کي ٻه وزير ٻه صلاحڪار ۽ هڪ معاون خصوصي جا عهدا ڏنا ويندا جڏهن ته ان ۾ ڦير ڦار به ڪري سگهجي ٿي جڏهن ته ان جو حتمي فيصلو ڪور ڪميٽيون ڪنديون ٻنهي جماعتن جي اعليٰ قيادت پاران گرين سگنل ملڻ کان پوءِ ٻئي ڪميٽيون پنهنجو ڪم شروع ڪنديون سنڌ ڪابينه ۾ ايم ڪيو ايم کي بلديه پلاننگ اينڊ ڊيولپمينٽ صحت صنعت ۽ تجارت رانديون مذهبي معاملا ۽ ليبر جا کاتا ڏيڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي مشاورت سان سنڌ ڪابينه جا قلمدان ايم ڪيو ايم کي ڏنا ويندا معاهدو طئي ٿيڻ کان پوءِ سنڌ ڪابينه ۾ ايم ڪيو ايم جا وزير حلف کڻندا معاهدي ۾ ڪراچي جا وڏا ميگا پروجيڪٽ مڪمل ڪرڻ لاءِ ٻئي جماعتون پنهنجو ڪردار ادا ڪنديون هي معاهدو لکت ۾ ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *