اجتماعي قبرن بابت ڪيس ۾ چئني صوبن لاوارث لاشن بابت رپورٽون سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيون

اسلام آباد (بيورو) اجتماعي قبرن بابت ڪيس ۾ چئني صوبن لاوارث لاشن بابت رپورٽون سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيون خانگي ٽي وي مطابق پنجاب ۾ گذريل ٻن سالن ۾ 1299 سنڌ ۾ گذريل ڇهن سالن ۾ 398 خيبرپختونخواهه ۾ گذريل پنجن سالن ۾ 2600 بلوچستان ۾ پنجن سالن ۾ 153 لاوارث لاش هٿ آيا سڄي ملڪ مان گذريل ڇهن سالن ۾ جملي طور تي 4450 لاوارث لاش هٿ آيا سپريم ڪورٽ ۾ اجتماعي قبرن بابت ڪيس ۾ سنڌ حڪومت پنهنجي رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي رپورٽ ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل عدنان ڪريم، سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي رپورٽ ۾ چيو ويو ته ڪراچي ۾ گذريل 6 سالن دوران 398 لاوارث لاش مليا آهن جن مان 304 جي سڃاڻپ ٿي سگهي آهي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته لاوارث لاشن جي سڃاڻپ لاءِ 6 سالن دوران 48 اشتهار به ڏنا ويا ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل خيبرپختونخواهه به رپورٽ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي آهي خيبرپختوخنواه جي رپورٽ ۾ چيو ته گذريل پنجن سالن ۾ خيبرپختونخواهه ۾ 2600 لاوارث لاش مليا آهن پر ڪيترن ئي لاشن جي سڃاڻپ ٿي ۽ ڪيترن جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي انگ اکر به مهيا نه آهن اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل بلوچستان به رپورٽ جمع ڪرائي رپورٽ مطابق بلوچستان مان گذريل پنجن سالن دوران 153 لاوارث لاش مليا آهن جن مان 107 لاشن جي سڃاڻپ ٿي جڏهن ته 46 جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي پنجاب صوبي پاران جمع ڪرايل رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو ته پنجاب سال 14-2013 دوران 1299 لاوارث لاش مليا آهن. ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب مطابق انهن مان 1248 لاشن جي سڃاڻپ ٿي آهي پنجاب صوبي مان مليل 1178 لاوارث لاشن جو پوسٽ مارٽم ٿيو 1204 لاوارث لاشن جون تصويرون ڪڍيون ويون جڏهن ته 985 لاشن جا فنگرپرنٽس ورتا ويا رپورٽ ۾ چيو ويو ته 51 لاوارث لاشن کي پنجاب جي صحت کاتي جي ايناٽمي ڊپارٽمينٽ جي حوالي ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *