بجلي منصوبن ۾ غير ضروري دير جا ذميدار احتساب لاءِ تيار رهن، وزير اعظم جو الٽيميٽم

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف لاڳاپيل کاتن کي بجلي جي پيداوار جا منصوبا مقرر ٿيل وقت ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته منصوبن ۾ غير ضروري دير جا ذميدار احتساب لاءِ تيار رهن، عوام کي گهٽ قيمتن تي بجلي جي فراهمي اولين ترجيح آهي، جلد کان جلد لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا وڃن، نيلم جهلم منصوبو مقرر ٿيل وقت ۾ مڪمل ٿيڻ گهرجي. هو توانائي جي ڪابينا ڪميٽي جي اجلاس ۾ خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم جي سربراهي ۾ اجلاس ۾ گذريل اجلاسن جي فيصلن تي عملدرآمد جو جائزو ورتو ويو، اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسحاق ڊار، سعد رفيق، خواجا آصف، شاهد خاقان عباسي، احسن اقبال، وڏي وزير شهباز شريف، ڄام ڪمال، عابد شير علي، پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز، خاص مددگار طارق فاطمي ۽ واپڊا چيئرمين ظفر محمود شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم  نواز شريف چيو ته عوام کي گهٽ قيمتن تي بجلي جي فراهمي اولين ترجيح آهي، جلد کان جلد لوڊشيڊنگ گهٽائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن. وزيراعظم لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي ته بجلي جي پيداوار جا منصوبا مقرر ٿيل وقت ۾ مڪمل ڪيا وڃن، منصوبن ۾ غير ضروري دير جا ذميدار احتساب لاءِ تيار رهن. هن چيو ته لوڊشيڊنگ ۾ گهٽتائي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهيون، نيلم جهلم پن بجلي منصوبو مقرر ٿيل وقت ۾ پورو ٿيڻ گهرجي، نيلم جهلم منصوبو بروقت مڪمل ڪرڻ لاءِ فنڊ فراهم ڪيا وڃن. ان موقعي تي پاڻي ۽ بجلي سيڪريٽري يونس ڊاگانا بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته جنوري ۾ بلن جي وصولي 5 7  سيڪڙو رهي آهي جڏهن ته رهتن جي وصولين ۾ نمايان واڌ ٿي آهي ۽ رهتن جي وصولي 8 9  سيڪڙو رهي آهي جڏهن ته گردشي قرض هاڻ گهٽجي 4 5 2  ارب رپين جا رهجي ويا آهن ۽ گردشي قرضن ۾ وڌيڪ لاٿ آڻڻ لاءِ ڪئين سخت قدم کنيا ويا آهن. وفاقي سيڪريٽري بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته آءِ پي پيز کي واجب الادا رقم هاڻ گهٽجي 4 4 1  ارب 0 5  ڪروڙ رپين جي سطح تي اچي وئي آهي ۽ ان ۾ وڌيڪ نمايان گهٽتائي آندي ويندي. ان موقعي تي ٽرانسميشن لائين سسٽم کي اپ ڊيٽ ڪرڻ لاءِ ڪئين تجويزن جي منظوري ڏني وئي. پاڻي ۽ بجلي جي مملڪتي وزير عابد شير علي اجلاس ۾ سرڪاري ۽ خانگي ادارن کان بجلي جي رهتن جي وصولي لاءِ کنيل هاڻوڪي قدمن تي بريفنگ ڏني ۽ تجويز ڏني ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کان 2 8 3  ارب رپين جي رهتن جي وصولي لاءِ جامع حڪمت عملي بنائي وئي آهي پرپوءِ صوبن کان وصولي جو عمل تيز ڪرڻ لاءِ صوبائي وڏن وزيرن سان رابطا ڪرڻ جي ضرورت آهي، جڏهن ته تمام ڪمپنين کان خانگي ڪمپنين جي ڊيفالٽرز کان به وصولين جو عمل تيز ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ ايم ڊي پرائيويٽ پاور انفراسٽرڪچر بورڊ ڪوئلي مان هلندڙ منصوبن تي بريفنگ ڏني. توانائي متعلق اجلاس ۾ واپڊا چيئرمين ظفر محمود نيلم جهلم پاور منصوبي تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته نيلم جهلم منصوبي تي 0 7  سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي. منصوبي مان منگلا جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ بجلي پيدا ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *