چاغي ۾ سڪيورٽي فورسز جو سرچ آپريشن ، هٿياربندن جي فائرنگ، هڪ اهلڪار شهيد، 15 هٿياربند مارجي ويا ڪ اهلڪار شهيد

چاغي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) بلوچستان جي علائقي چاغي ۽ بسيما ۾ سڪيورٽي فورسز  ۽  ڳجهن ادارن جي سرچ آپريشن دوران پابندي مڙهيل تنظيم جي ٽن اهم ڪمانڊرز سميت 15 هٿياربند مارجي ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ اهلڪار شهيد ۽ 3 زخمي ٿي پيا آهن. سڪيورٽي ذريعن موجب، چاغي، بسيما ۽ وشڪ ضلعي جي مختلف علائقن ۾ سڪيورٽي فورسز جي سرچ آپريشن دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ 3 اهم ڪمانڊرز سميت 15 هٿياربندن مارجي ويا. ايف سي ترجمان موجب، سرچ آپريشن دوران هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ اهلڪار شهيد ٿي ويو ۽ 3 زخمي ٿي پيا. ايف سي ترجمان موجب، ڪارروائي دوران ڳرا هٿيار ۽ بارودي مواد به هٿ ڪيو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *