ايم ڪيو ايم جي استعيفائن وارو اشو خوش اسلوبي سان حل ٿي ويندو: نثار کهڙو

ڪراچي (اي پي پي ) سنڌ جي اطلاعات واري سينيئر وزير نثار احمد کهڙو چيو آهي ته ايم ڪيو ايم ۽ مولانا فضل الرحمان وچ ۾ ڳالهين واري پهرين دور ۾ ايم ڪيو ايم مثبت رويو اختيار ڪيو آهي ۽ هاڻي سندن وچ ۾ ڳالهين جو ٻيو دور اسلام آباد ۾ ٿيندو ۽ اميد آهي ته ايم ڪيو ايم جي استعيفائن وارو اشو خوش اسلوبي سان حل ٿي ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اربع ڏينهن آمريڪي قونصل جنرل برائن هيٿ جي ساڻس ملاقات کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. نثار احمد کهڙو چيو ته استعيفائن وارو انتهائي قدم مسئلي جو حل ناهي ۽ مسئلي جو حل ڳالهيون ئي آهن ڇاڪاڻ ته انتهائي قدم کڻڻ سان جمهوري ادارا ڪمزور ٿيندا. هن چيو ته ايم ڪيو ايم اڳواڻ رشيد گوڊيل تي حملي واري واقعي کان پوءِ به سياسي جماعتن پاران ڳالهيون جاري رکڻ وارو رويو سياسي جماعتن جي مدبراڻي سوچ آهي جنهن کي ساراهيون ٿا. هن چيو ته ڪراچي آپريشن ايم ڪيو ايم سميت سڀني سياسي جماعتن جي اتفاق سان شروع ڪيو ويو ۽ شهر ۾ دهشتگرديءَ جي خاتمي تائين اهڙو آپريشن بنا ڪنهن فرق جي جاري رهندو ۽ امن امان تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪيو ويندو. هن چيو ته ڪراچي شهر ۾ سياسي اڳواڻن تي حملا ۽ اهڙيون ڪاروايون ڪري پرامن ماحول کي بگاڙڻ جي ڪوشش آهن ۽ ڪجهه عنصر سياسي ماحول کي بهتر نموني ڏسڻ نه ٿا چاهين ۽ اهي چاهين ٿا ته ماحول خراب ٿئي پر اهڙن عنصرن کي پهريان به ناڪامي نصيب ٿي آهي ۽ هاڻي به ناڪامي نصيب ٿيندي. هن چيو ته سنڌ حڪومت مڪاني چونڊن لاءِ تيار آهي پر چونڊون ڪرائڻ ۽ چونڊن جي تاريخ ڏيڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميداري آهي ۽ هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته اليڪشن ڪميشن ڪڏهن ٿي مڪاني چونڊن جي تاريخ ڏئي. نثار احمد کهڙو چيو ته ايم ڪيو ايم سان ڳالهين لاءِ وفاقي حڪومت مولانا فضل الرحمان کي ذميداري ڏني آهي ۽ هو ساڻن ڳالهيون ڪري رهيو آهي اميد آهي ته معاملو جلد حل ٿي ويندو. هن چيو ته عوامي مسئلن تي آواز اٿارڻ جو بهتر فورم ايوان ۽ اسيمبليون ئي آهن انڪري کين ايوان ۾ اچڻ گهرجي. ان کان اڳ آمريڪي قونصل جنرل برائن هيٿ اطلاعات واري سينيئر وزير نثار احمد کهڙو سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات دوران سياسي صورتحال، امن امان، تعليم سميت گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ا

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *