اليڪشن ڪميشن سنڌ ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي جي تاريخ تبديل ڪري ڇڏي

اسلام آباد (بيورو) اليڪشن ڪميشن، سنڌ ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي جي تاريخ تبديل  ڪري ڇڏي آهي، جنهن تحت سنڌ جي 13  ۽ پنجاب جي ٻارنهن ضلعن ۾ پهرين مرحلي لاءِ پولنگ 12 آڪٽوبر تي ٿيندي.  چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس رٽائرڊ سردار رضا جي صدارت هيٺ اليڪشن ڪميشن جو اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ سنڌ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊن لاءِ تاريخ طئي ڪرڻ بابت سپريم ڪورٽ جي حڪم تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ ٻنهي صوبن ۾ مڪاني چونڊن لاءِ پهرين مرحلي جي تاريخ تبديل ڪئي وئي. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان موجب، سنڌ ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊن لاءِ پهريون مرحلو 12 آڪٽوبر کان شروع ٿيندو. پهرين مرحلي ۾سنڌ جي 13 ۽ پنجاب جي ٻارنهن ضلعن ۾ مڪاني چونڊون ڪرايون وينديون، ان لاءِ نامزدگي فارم 28 آگسٽ کان پهرين سيپٽمبر تائين جمع ڪرائي سگهبا، جنهن بعد ڇنڊ ڇاڻ جو عمل شروع ٿيندو. اليڪشن ڪميشن موجب پهرين مرحلي ۾ حيدرآباد ڊويزن جي مٽياري، ٽنڊو الهيار، ٽنڊو محمد، خان، ٺٽو، سجاول، بدين، دادو، ڄامشورو،سکر ڊويزن جي خيرپور، جڏهن ته لاڙڪاڻي ڊويزن جي شڪارپور، ۽ قمبر شهدادڪوٽ ۾ 12 آڪٽوبر تي چونڊ ٿيندي. اليڪشن ڪميشن موجب، مڪاني چونڊن جي ٻي ۽ ٽئين مرحلي جو شيڊول 21 آگسٽ تي جاري ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *