رشيد گوڊيل جي زندگي لاءِ ايندڙ 24 ڪلاڪ اهم قرار، وينٽي ليٽر هٽائڻ تي غور

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم اڳواڻ رشيد گوڊيل جي زندگي لاءِ ايندڙ 24 ڪلاڪ اهم قرار ڏنا ويا آهن، گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ فائرنگ۾ زخمي ٿيل ايم ڪيو ايم جو ايم اين اي رشيد گوڊيل لياقت نيشنل اسپتال ۾ وينٽي ليٽر تي آهي، جيڪو هٽائڻ تي غور ڪيو پيو وڃي. اسپتال جي ترجمان انجم رشِد ميڊيا کي ٻڌايو ته ماهر ڊاڪٽرن جو پينل رشيد گوڊيل جي حياتي بچائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيو آهي، سندس دماغ ۽ بڪيون صحيح نموني ڪم ڪري رهيون آهن،سندس بلڊ پريشر ۽ دل جي ڌڙڪن به ٺيڪ آهي، هن چيو ته ڊاڪٽرن جي سڏ ڪرڻ تي رشيد گوڊيل اکين جا پنبڻ ڇنڀيا ۽ هٿ پير لوڏڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ان کانپوءِ به هو اڃا به ڳڻتي جوڳي حالت ۾ آهي ۽ ايندڙ 24 ڪلاڪ سندس حياتي لاءِ اهم آهن. انجم رشيد ٻڌايو ته رشيد گوڊيل کي ڪل 5 گوليون لڳيون، جن مان 3 منهن ۽ ڪنڌ، باقي 2ِ سيني ۾ لڳل آهن، هن ٻڌايو ته سيني ۾ لڳل گولي سان سندس هڪ ڦڦڙ تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي ۽ اها گولي سندس ڦڦڙ ۾ موجود آهي، جيڪا سندس طبيعت خطري کان ٻاهر ٿيڻ کانپوءِ ئي ڪڍي سگهجي ٿي، جڏهن ته سندس ٻيو ڦڦڙ صحيح نموني ڪم ڪري رهيو آهي، جنهن ڪري کيس ڏني ويندڙ آڪسيجن ۾ 40 سيڪڙو گهٽائي وئي آهي ته جيئن هو پاڻ ساهه کڻي سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *