ايم ڪيو ايم، سنڌ ۾ ايمرجنسي لڳائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، آپريشن جو دائرو پوري صوبي ۾ وڌايو وڃي: خواجه اظهار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم، سنڌ ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، خواجا اظهار الحسن چيو آهي ته شڪارپور سانحو صوبائي حڪومت جي نااهلي آهي، ڪراچي آپريشن جو دائرو سڄي سنڌ تائين وڌائي دهشتگرديءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ فوج کان مدد ورتي وڃي. ڪراچي ۾ سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا اظهار الحسن چيو ته دهشتگردن ڪراچي جيان صوبي جَي ٻين شهرن ۾ به ڪارروايون ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن. هـُن چيو ته شڪارپور ۽ پشاور سانحا صوبائي حڪومتن جي نااهلي آهن. خواجا اظهار الحسن چيو ته سنڌ جي صورتحال انتهائي خراب آهي، جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وڃي. متحده اڳواڻ چيو ته ڪراچي آپريشن جو دائرو سڄي صوبي تائين وڌايو وڃي، جنهن لاءِ ضرورت پوڻ تي فوج کان به مدد ورتي وڃي. هـُن چيو ته طالبانائيزيشن خلاف وقت سر ڪارروائي ڪئي وڃي ته اڄ ملڪي حالتون ٻي طرح هجن ها.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *