عمران خان جي چيف اليڪشن ڪمشنر سان ملاقات، اسپيڪر اياز صادق کي معطل ڪرڻ جو مطالبو

اسلام آباد (بيورو) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان اين اي 122 تي ڌانڌلي بابت ڪيس جو اليڪشن ٽربيونل جو فيصلو اچڻ تائين قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق کي معطل ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته پرڏيهه ۾ رهندڙ 70 لک پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏنو وڃي ۽ ايندڙ عام چونڊون اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي مدد سان ڪرايون وڃن. پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان اسلام آباد ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر سردار رضا خان سان ملاقات ڪري اليڪشن ٽربيونل جي ڪارڪردگي جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون. ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪپتان چيو ته هن چيف اليڪشن ڪمشنر آڏو 2 مطالبا رکيا آهن ۽ درخواست ڪئي ته پرڏيهه ۾ رهندڙ 70 لک پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏنو وڃي ۽ ايندڙ عام چونڊون اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي مدد سان ڪرايون وڃن. هن چيو ته چار مهينا گــُذرڻ باوجود چئن تڪن خلاف درخواست تي فيصلو ناهي آيو ۽ قانوني طور تي اليڪشن ڪميشن وٽ ڊي سيٽ ڪرڻ جو اختيار آهي. عمران خان مطالبو ڪيو ته جيسيتائين اين اي هڪ سئو 22 جو فيصلو نه ٿو اچي تيسيتائين قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق کي ڊي سيٽ ڪيو وڃي. هن چيو ته نواز ليگ اهڙي نااهل ثابت ٿي آهي جو ان کي ڌانڌلي به ڪرڻ نه ٿي اچي ۽ کين شاهديون مليون آهن جنهن ذريعي ڌانڌلي ثابت ڪئي ويندي. عمران خان چيو ته سڄي قوم چئن تڪن جي نتيجن جو انتظار ڪري رهي آهي ۽ جيڪڏهن غلطي ٿي ته هــُو سڀني جي سامهون چوندو ته غلط هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *