مايا علي چيلنجز کي منهن ڏيڻ سکي ورتو، ننڍي اسڪرين تي واپسي!

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستان ٽي وي ۽ فلم انڊسٽري جي مشهور اداڪارا مايا علي جلد ننڍي اسڪرين تي واپسي جو اعلان ڪيو آهي. فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي پنهنجي نئين ڊرامي پهلي سي محبت جي اسڪرپٽ جون تصويرون شيئر ڪندي هن اهڙو اعلان ڪيو. هن ننڍي اسڪرين تي واپسي جو اعلان ڪندي ٻڌايو ته هن ڊائريڪٽر انجم شهزاد سان ڊرامو سائن ڪري ورتو آهي. مايا ٻڌايو ته هو پنهنجي نئين پراجيڪٽ جي حوالي سان پرجوش آهي. هن پراجيڪٽ کي آءِ ڊريم پروڊيوس ڪري رهيو آهي جنهن کي نجي چينل تي نشر ڪيو ويندو. ياد رهي ته مايا علي جو آخري ڊرامو صنم هو جيڪو 2017ع ۾ نجي چينل تي نشر ڪيو ويو هو. ان کان اڳ اداڪارا پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ ٻڌايو هو ته گذريل مهيني سندس زندگي ۾ حيرت جوڳا ۽ غير اتفاقي واقعا ٿيا. هن لکيو ته گذريل مهيني دوران پيش ايندڙ ڏکيائين کي ڀرپور نموني سان منهن ڏنو ۽ حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اداڪارا ٻڌايو ته ان عرصي ۾ زندگي کيس گهڻو ڪجهه سيکاريو ۽ گهڻن چيلينجز جو مقابلو ڪرڻ ۽ انهن کي قبول ڪرڻ جو حوصلو مليو. مايا علي چيو ته مان انهن سڀني ماڻهن جي ٿورائتي آهيان جيڪي مون سان ڏکئي وقت ۾ گڏ هئا جن مون کي دعائن ۾ ياد رکيو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *