ايمبولينسز لاش کڻڻ لاءِ نه پر بيمار ماڻهن کي کڻڻ لاءِ هونديون آهن: عذره پيچوهو لاش کڻڻ لاءِ ايمبولينس نه ڏيڻ جي حمايت ڪري ڇڏي

دوڙ (رپورٽر) صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذره پيچوهو چيو آهي ته ايمبولينسز لاش کڻڻ لاءِ نه پر بيمار ماڻهن کي کڻڻ لاءِ هونديون آهن، آصف علي زرداري ملڪ ۾ ئي علاج ڪرائيندو، عمران خان کي حڪمران نٿا سمجهون. دوڙ ۾ پ پ اڳواڻ ۽ ڪائونسلر شاهد اقبال خانزادو ۽ صحافي اشتياق خلجي سان تعزيت وقت ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو آصف علي زرداري جي طبيعت خراب هئي ان ڪري کيس ضمانت ملي، ان ۾ حڪومت ڪو به احسان ناهي ڪيو. هن چيو ته آصف علي زرداري تي جيستائين ڏوهه ثابت نٿو ٿئي تيستائين کيس جيل ۾ رکڻ جو ڪو به جواز ناهي. هن چيو ته حڪمرانن مينڊٽ چوري ڪيو آهي، جنهن ڪري کين حقيقي جهموريت جي خبر ئي ناهي. گذريل ڏينهن دوڙ اسپتال ۾ فوتي عورت جي وارثن کي لاش کڻائڻ لاءِ ايمبولينس نه ملڻ واري سوال تي عذره پيچوهو چيو ته ايمبولينسز لاش کڻائڻ لاءِ ناهن هونديون، اهي بيمار ماڻهن کي کڻڻ لاءِ هونديون آهن.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *