ڪراچي ۾ مختلف حادثن ۽ واقعن ۾ 5 ڄڻا فوت ٿي ويا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ مختلف حادثن ۽ واقعن ۾ 5 ڄڻا فوت ٿي ويا. ڪراچي جي هاڪس بي واري علائقي ۾ مڇي چوڪ وٽ ٽريڪٽر ٽرالي جي ٽڪر ۾ موٽر سائيڪل تي سوار ٻه ڄڻا فوت ٿي ويا. پوليس موجب فوتين جا مڙهه سول اسپتال منتقل ڪيا ويا، جتي سندن سڃاڻپ فيصل ۽ طاهر طور ٿي، جڏهن ته ٽريڪٽر ٽرالي تحويل ۾ وٺي ڊرائيور کي گرفتار ڪيو ويو آهي. هوڏانهن بلوچ ڪالوني پل ويجهو فائن هائوس وٽ روڊ حادثي ۾ 30 ورهين جو ذيشان  پٽ گلزار فوت ٿي ويو، جڏهن ته ٻه عورتون زخمي ٿي پيون، جن کي سول اسپتال داخل ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي حب ريور روڊ تي لال ڪانٽي ڀرسان روڊ حادثي ۾ هڪ ڄڻوفوت ٿي ويو، پوليس موجب فوتي جي سڃاڻپ 29 ورهين جي فهد پٽ طاهر ٿي، جنهن جو مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. بلديا جي علائقي نيول ڪالوني ۾ گهر مان هڪ شخص جو ڦاهو ڏنل لاش هٿ آيو، جنهن جي سڃاڻپ 37 ورهين جي راحيل پٽ اڪرم جي نالي سان ٿي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *