پاڪستان ۽ چين جو ملڪي زرعي پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي تي ٻڌل تحقيقي ڪم ڪرڻ تي اتفاق

اسلام آباد(پ.ر) پاڪستان ۽ چين جو ملڪي زرعي پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي تي ٻڌل تحقيقي ڪم ڪرڻ تي اتفاق، تفصيل موجب  ڊاڪٽر محمد عظيم خان چيئرمين پاڪستان زرعي ڪونسل چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪڻڪ، ڪمند، چانور ۽ ڪپهه جي پيدوار ۾ اضافي جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي مان فائدو ورتو ويندو، هن چيو ته پاڪستان زرعي شعبي ۾ چين جي تجربي سان فائدو وٺڻ لاءِ پر عزم آهي،  قومي زرعي تحيقيقاتي مرڪز اسلام آباد ۾ ڪڻڪ، ڪمند، چانور ۽ ڪپهه جي پيدوار ۾ اضافي جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي مان فائدو وٺڻ جي حوالي سان پاڪ چين باحثو جي اهتمام ڪيو ويو، پاڪ چائنا مباحثي جو اهتمام قومي زرعي تحقيقاتي مرڪز جي ذيلي اداري نيشنل انسٽيٽيوٽ آفا جيونا مڪس اينڊ ايڊوانس بائيو ٽيڪنالاجي جي طرفان ڪي ويو، پروفيسر ڊاڪٽر زي ڪنگ لي، چيف سائنسٽ، ڪاس، چائنا جي قيادت ۾ چين جي ڪمند، چانور، ڪپهه ۽ ڪڻڪ جي ماهرن به شرڪت ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *