آڪٽوبر 2018ع کان مئي 2019ع تائين 106 ارب گڏ ڪيا: پاور دويزن جي دعويٰ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاور ڊويزن بجلي چوري جي خلاف مهم، ريڪوري، هدف، بل ادا نه ڪندڙن کان وصولين ۽ ٻين بندوبستن جي جي ڪري آڪٽوبر 2018ع کان مئي 2019ع (8 مهينن) ۾ گذريل سال يعنيٰ آڪٽوبر 2017ع کان مئي 2018ع جي ڀيٽ ۾ 106 ارب رپين جو واڌو روينيو حاصل ڪري ورتو. پاور ڊويزن ۾ هڪ اعليٰ سطح اجلاس ۾ سيڪريٽري پاور ڊويزن جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن ۾ بجلي جي ورڇ وارين ڪمپنين جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو، اجلاس ۾ سمورن چيف ايگزيڪٽو آفيسرن ۽ پاور ڊويزن جي اعليٰ عهديدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته انهن 8 مهينن ۾ چوري جي خلاف ڀرپور مهم جي ڪري مثبت نتيجا سامهون آيا. ان حوالي سان ٻڌايو ويو ته 106 ارب واڌو روينيو ۾ 74.37 ارب رڳو چوڌري، ڪرپشن ۽ بل ادا نه ڪندڙن يج خلاف مهم جي ڪري گڏ ڪيا ويا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 8 مهينن ۾ ڪل 705 ارب رپين جو روينيو گڏ ڪيو ويو جڏهن ته گذريل سال جي 8 مهينن ۾ 598 ارب رپيا هئا. ان کان سواءِ رسائڻ ۽ ورڇ واري نظام ۾ به بهتري جي لاءِ عملي بندوبست ڪيا ويا. پاور ڊويزن جي اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين جي ٽرانسميشن ۽ ڊسٽري بيوشن لاسز ( لائن لاسز) ۾ 0.86 سيڪڙو گهٽتائي ٿي جيڪا 15.96 سيڪڙو تي اچي وئي جڏهن ته گذريل سال يعنيٰ آڪٽوبر 2017ع کان مئي 2018ع ۾ لائن لاسز 16.82 سيڪڙو رڪارڊ ڪيو ويو هو. اجلاس دوران سيڪريٽري پاور ڊويزن گذريل ٽن مهين دوران مختلف بجلي ورهائڻ وارين ڪمپنين ۾ ٿيل ڊيوٽي دوران سر وڃائيندڙ حادثن تي سخت خدشن جو اظهار ڪيو. هن سمورين بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين جي اهلڪارن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ جديد اوزارن ۽ تربيت جون هدايتون جاري ڪيون. اجلاس ۾ سمورين بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين کي ان ضمن ۾ پنهنجي مانيٽرنگ ۽ اهلڪارن جي ذميواري وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي هدايت به جاري ڪئي وئي. ان ضمن ۾ ٻڌايو ويو ته اجلاس ۾ پيپڪو جي سطح تي هڪ مانيٽرنگ، تربيت ۽ جائزي جي لاءِ اعليٰ سطح ڪميٽي بڻائڻ جي به هدايت جاري ڪئي وئي جيڪا اهلڪارن جي بچاءَ بابت خاص قدم کڻندي. سيڪريٽري پاور ڊويزن اجلاس دوران ان امر جو ذڪر ڪيو ته ڪنهن به صورت ۾ اهلڪارن جي سر جي حفاظت تي سمجهوتو نه ڪيو ويندو. اجلاس کي جاري بل ادا نه ڪندڙن جي خلاف مهم جي باري ۾ به آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ اِهو فيصلو به ڪيو ويو ته جن صارفن جون رهتون هڪ سال کان وڌيڪ پراڻيون آهن انهن جي بجلي بنا امتياز ڪاٽي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *