ايف بي آر پيراڊائز ليڪس ۾ نالو آيل پاڪستانين جي جاچ جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): ايف بي آر چيو آهي ته پيراڊائز ليڪس ۾ جن پاڪستانين جا نالا آيا آهن، انهن خلاف جاچ ٿيندي، ايف بي آر ترجمان موجب پيراڊائز ليڪس جو جائزو ورتو پيو وڃي، جنهن ۾ هڪ ڊگهي فهرست آهي، پيراڊائز ليڪس ۾ ايندڙ پاڪستانين جي نالن جو جائزو وٺي رهيا آهن، ترجمان جو چوڻ هو ته پيراڊائز ليڪس ۾ ايندڙ پاڪستانين کي نوٽيس جاري ڪنداسين، جڏهن ته في الحال پاڪستانين جي نالن جو جائزو ورتو پيو وڃي، خيال رهي ته تحقيقاتي صحافين جي عالمي ڪنسورشيم (آءِ سي آءِ جي) طرفان جاري ڪيل ”پيراڊائز ليڪس“ ۾ اڳوڻي وزيراعظم شوڪت عزيز سميت لڳ ڀڳ 135 پاڪستانين جا نالا سامهون آيا آهن، پيراڊائز ليڪس ۾ پاڪستانين جي حوالي سان ملندڙ اڪثر رڪارڊ برمودا، برٽش ورجن آءِ لينڊ، ڪيمين آئي لينڊ، مالٽا ۽ ٻين ملڪن مان مليو آهي، پيراڊائز ليڪس ۾ جن پاڪستانين جا نالا سامهون آيا آهن، انهن يا ته پنهنجي يا وري آف شور ڪمپني جي نالي سان سوئس بئنڪن ۾ اڪائونٽس بڻايا هئا.

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *