زرداري ۽ شريف وٽ پئسو عوام جو آهي، انهن وٽ ايترو پئسو نه هيو: عمران خان

اٽڪ (ويب ڊيسڪ): پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته دنيا ۾ هر ملڪ ۾ ٻه قسمن جي سياست ٿيندي آهي، اٽڪ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته اهڙن مفاد پرستن کان ماڻهو نفرت ڪن ٿا، ڪجهه ماڻهو ذاتي مفادن لاءِ سياست ۾ ايندا آهن، انسانيت لاءِ ڪم ڪندڙن کي الله عزت ڏني، ماڻهو ڪارخانا ۽ دولت بڻائڻ لاءِ سياست ۾ ايندا آهن، هن چيو ته جنهن عوام جي لاءِ ڪم ڪيو، ماڻهو ان کي ياد ڪندا آهن، اسان جي جماعت ۾ رڳو اهي ئي ماڻهو ايندا، جيڪي عوام جي خدمت ڪندا، رڳو قوم جو سوچيندڙن کي پنهنجي ڪابينا ۾ وزير بڻائينداسين، اسان کي پاڪستان کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻو آهي، اسان کي ڪنهن جي آڏو جهڪڻو نه ئي قرض وٺڻا آهن، هن چيو ته جيڪو قرض ڏيندو آهي، اوهان جي آزادي کسي وٺندو آهي، ايران گئس لائن بڻائي، جيڪڏهن اسان وٺون ها ته ايل اين جي کان سستي پوي ها، عمران خان چيو ته اسان پنهنجي پرڏيهي پاليسي بڻائينداسين، ڪنهن جي پرواهه نه ڪنداسين، جتي ظلم ٿيندو آهي، اتي ڪڏهن الله جي مدد ناهي ايندي، اسان پاليسي بڻائينداسين 10 ڪروڙ پاڪستانين کي غربت مان ڪيئن ڪڍڻو آهي، هن چيو ته اسان کي قرض ڏيندڙن ايران مان گئس وٺڻ جي اجازت نه ڏني، هن چيو ته تحريڪ انصاف انهن کي آڻيندي، جيڪي عوام جي خدمت ڪندا، هن چيو ته زرداري ۽ شريف پنهنجي لاءِ بيٽنگ ڪندا آهن، پاڪستان لاءِ ڪڏهن ناهن کيڏيا، نواز ۽ زرداري کي ڏسو اقتدار کان اڳ ڇا هيا ۽ هاڻي ڇا ٿي ويا آهن، زرداري وٽ پئسو عوام جو آيو آهي، نواز شريف وٽ پئسو عوام جو آيو آهي، عمران خان چيو ته احسن اقبال معصوميت سان چوندو آهي، سڄي دنيا ۾ ڪرپشن ٿيندي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *