پوري دنيا دهشتگردي جي باهه ۾ سڙي پئي، صوفين جو پيغام عام ڪيو وڃي: بلاول ڀٽو

رپورٽ :   نادر علي ٻگھيو  : ڀٽ شاهه: پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڀٽ شاهه پهچي عرس مبارڪ جي اختتامي تقريب ۾ شرڪت ڪئي، جتي درگاهه حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي سجاده نشين سيد وقار حسين شاهه لطيفي، صوبائي وزير ثقافت سيد سردار علي شاهه سميت ٻين اهم شخصيتن سندس شاندار استقبال ڪيو. ان موقعي تي هن حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي ۲۷۴ هين عرس مبارڪ جي ٽن ڏينهن وارين تقريبن جي پڄاڻي تي مزار تي حاضري ڀري چادر چاڙهي فاتحه خواني ڪئي، جڏهن ته ڀٽ شاهه شهر ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين جي آمد جي موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا. جڏهن ته ايڇ ٽي سورلي هال ڀٽ شاهه ۾منعقد ڪيل عرس مبارڪ جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽوزرداري چيو ته اڄ سڄي دنيا دهشتگردي جي باهه ۾ سڙي رهي آهي ۽ مذهبي انتها پسنديءَ واري رجحان سبب درگاهون پڻ محفوظ نه آهن، ڇاڪاڻ ته ڪجهه ماڻهن مذهب جي روح کي زخمي ڪري مذهب کي فقط پنهنجي مقصد لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن. هن چيو ته صوفي ازم جو فلسفو علاقائي نه بلڪه هڪ عالمگير حيثيت رکي ٿو ۽ شاهه لطيف جو امن وارو پيغام دشمن عنصرن خلاف آهي ۽ سندس انهي پيغام کي دنيا ۾ عام ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته هر سال لکين پانڌيئڙا حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي مزار تي اچي حاضري کين خراج عقيدت پيش ڪندا آهن. هن چيو ته اسان کي انسانيت ۽ مذهبي رواداري کي فروغ ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته شاهه صاحب جي سر سسئي ۾ سسئي جي جدوجهد بابت پڙهڻ کان پوءِ مونکي منهنجي ماءُ جي آمريت خلاف جدوجهد ياد ايندي آهي جڏهن ته مارئي جي جلاوطني جو قصو پڙهي مونکي منهنجي ماءُ جي جلاوطني ياد ايندي آهي جتي هن پنهنجي ماروئڙن کي ياد ڪندي ڏکيو وقت گذاريو مونکي فخر آهي منهنجي ملڪ جي عوام تي جنهن منهنجي ماءُ کي ماروي ملير جي لقب ڏنو ۽ هو به اوهان سان بي لوث محبت ڪندي هئي بلاول ڀٽو چيو ته شاهه لطيف ڀٽائي اڄ زنده هجي ها ته هو به شهيد راڻي جي شهادت ڏسي ان کي پنهنجي آخري سورمي قرار ڏئي ان تي سر بينظير لکي ها. هن چيو ته شاهه ڀٽائي پنهنجي شاعري ۾ هيٺين طبقي کي محور بڻايو آهي ۽ عورتن تي لکيل سرن سان شاهه صاحب عورتن جي اعليٰ مقام ۽ احترم کي ظاهر ڪيو آهي. هن چيو ته کيس تمام گهڻي خوشي آهي ته هو اڄ سڀ کان وڏو لطيف ايوارڊ ورهائي رهيو آهي. هن ٻڌايو ته ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جو افتتاح سندس ناني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۱۹٦۲ ۾ ڪيو هو. جڏهن ته سندس والده شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو به هتي حاضري ڀري هئي ۽ روايت تحت هو پاڻ اڄ هتي حاضر آهي.  وڏي وزير سيد مراد  علي شاهه چيو ته مونکي خوشي آهي ته آئون پنهنجي پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي مزار تي آيس. هن چيو ته سنڌ ڌرتي صوفين ۽ درويشن جي ڌرتي آهي جتان امن۽ پيار جو پيغام ملي ٿو. سنڌ جي چئني پاسن کان اولياء ۽ صوفي بزرگن جون مزارون موجود آهن  هن ڌرتي  هميشه پيار ۽ محبت جو درس ڏنو آهي  پر افسوس آهي ته  شايد هن ڌرتي کي به نظر لڳي وئي آهي  ۽ اها  نظر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي دور کانپوءِ لڳي آهي هن چيو ته سندس خيال مطابق شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت بعد جيڪو دور شروع ٿيو اهو دور صوفين جي پيغام سان نفرت ڪندڙ هو جنهن اسان جي محبتي ماڻهن کي ايترو سخت ڪري ڇڏيو جو اسان جو محبت وارو درس اسان جي نسل مان وسري ويو. هن چيو سيوهڻ شريف جي ڌماڪي واري واقعي کان پوءِ به اسان صوفين جي درس تي عمل ڪندي ڀائيچاري ۽ امن و امان واري فضا کي  قائم رکيو آهي . هن چيو ته اسان کي محبتي ميڙ مچائڻو آهي. هن چيو ته اسان جي پارٽيءَ جو ليڊر بلاول ڀٽو زرداري پاڻ به صوفين جي درس تي يقين رکي ٿو ۽ سندس پاران مليل هدايتن تي اسين علمدرآمد ڪندا آهيون. هن پنهنجي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته اسان کي سنڌ صوبي کي محبت ۽ امن وارو صوبو بنائڻو آهي ۽ هن ڌرتي کي اهڙي سلامتي واري ڌرتي بنائڻو آهي جو دشمن سمجهي وڃن ته اهي هتي ڪنهن کي به متاثر نه ڪري سگهندا. وڏي وزير ثقافت کاتي جي صوبائي وزير ۽ انهن جي ٽيم جي ڪلچر کاتي لاءِ ڪيل  ڪمن کي ساراهيندي چيو ته  ٿوري ئي عرصي ۾ ثقافت کاتي ۾  مثبت  تبديل نظر آئي آهي  جنهن سان ثقافتي سرگرمين کي  هٿي ملي آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *