ايف اي ٽي ايف مني لانڊرنگ، ٽيرر فنانسنگ خلاف پاڪستاني ڪوششن جو اعتراف، نالو في الحال گري لسٽ ۾ رهڻ جو امڪان

اسلام آباد (اين اين آءِ) فنانشنل ايڪشن ٽاسڪ فورس مني لانڊرنگ، ٽيرر فنانسنگ جي خلاف پاڪستاني ڪوششن جو اعتراف ڪري ورتو آهي، پاڪستان بليڪ لسٽ نه ٿيندو، نالو في الحال گري لسٽ ۾ رهڻ جو امڪان آهي، چين ملائيشيا، ترڪي سميت دوست ملڪن جي حمايت حاصل آهي، پاڪستاني وفد ايف اي ٽي ايف کي قانونسازي، ٻين قدمن بابت ڄاڻ ڏيندي ٻڌايو ته پابندي مڙهيل تنظِيمن ۽ ماڻهن خلاف عملي ڪارروائي تي ڄاڻ ڏني وئي، عملدارن ٻڌايو ته چندو گڏ ڪرڻ ۽ استعمال تي پابندي، جڏهن ته اثاثا ضبط ڪيا ويا، شڪي ٽرانزيڪشن، ڪيش ڪوريئرز، راونگي نظام جي سخت نگراني ڪئي وئي، غير قانوني دولت، ويليو ٽرانفسر سروس جي خلاف قانون سخت ڪيا ويا، غير منافعي بخش تنظيمن، مالياتي ادارن جي مڪمل جاچ پڙتال جي خاطري ڪرائي، عملدارن ٻڌايو ته ڪجهه گروپن پاران ٽِيرر فنانسنگ جي خطرن کي روڪيو، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن وچ ۾ رابطا بهتر ٿيا.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *