عالمي سطح تي به ملڪن ۾ برابري ناهي، 5 ملڪن وٽ ويٽو جا اختيار هجڻ به اڻبرابري جو مثال آهي: انتونيو گوتريس

لاهور(م.ڊ)گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو آهي ته عالمي سطح تي به ملڪن ۾ برابري ناهي، ماڻهن ۽ ملڪن ۾ برابري قائم ڪرڻ آسان نه پر ڊگهو عمل آهي، سلامتي ڪائونسل جي فقط 5 ملڪن وٽ ويٽو جا اختيار هجڻ به اڻبرابري جو مثال آهي. لاهور جي خانگي يونيورسٽي ۾ خطاب ڪندي انتونيو گوتريس چيو ته21 هين صدي ۾ نوجوانن جو گڏيل قومن ۾ اهم ڪردار هوندو.، نوجوانن کي جديد ٽيڪنالاجي سيکارڻي ۽ مستقبل جي چيلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ نصاب ۾ تبديلي ڪرڻي پوندي. هن چيو ته طاقت ڏني نه پر ورتي ويندي آهي، ادارن وچ۾ ڳالهه ٻولهه ضروري آهي. اظهار جي آزادي، خوراڪ، رهائش ۽ سياسي حق به انساني حقن جو حصو آهن. هن چيو ته اڄ جي دور ۾ سڀ کان وڏو مسئلو ماحولياتي گدلاڻ آهي موسمياتي تبديلي کي سامهون رکندي فيصلا ڪرڻا پوندا.گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل چيو ته پاڪستان مان پوليو جو خاتمو ڪنداسين، اسان جي پهرين ترجيح سموري دنيا مان پوليو جو خاتمو ڪرڻ آهي. دنيا جي سموري قيادت کي اپيل ڪريان ٿو ته اها گڏجي پوليو جي خاتمي لاءِ ڪردار ادا ڪري. انتونيو گوتريس چيو ته پاڪستان اچي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي ڇاڪاڻ ته ماضي جي ڀيٽ ۾ هاڻي گهڻو محفوظ ملڪ آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل دوري دوران هڪ اسڪول ۾ ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پڻ پياريا جڏهن ته اسڪولي ٻارڙن روايتي لباس پهري انتونيو گوتريس جي شاندار آجيان ڪئي ۽ کيس گلدستا پڻ پيش ڪيا. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ڪرتار پور پهچي بابا گرو نانڪ گوردوارا جو دورو پڻ ڪيو، کيس ڪرتار پور راهداري جي منصوبي بابت تفصيلي آگاهي ڏني وئي. ان موقعي تي انتونيو گوتريس امن لاءِ پاڪستان جي ڪوشش جي ساراهه ڪندي چيو ته ڪرتار پور راهداري پاڪستان جي امن دوست خواهش جو عملي ثبوت آهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *