ڪو فاسٽ مارچ نه ٿيندو، مولانا فضل الرحمان ڌرڻو هنيو ته کنڀجي ويندو: شيخ رشيد

ڪراچي (اين اين آءِ) ريلوي جي وفاقي وزير شِخ رشيد چيو آهي ته مارچ ۾ ڪو به مارچ نه ٿيندو، مولانا فضل رحمان ڌرڻو نه هڻندو، جيڪڏهن هو ڌرڻو هڻندو ته سوگهو ٿي ويندو، ڀل پنهنجي مرضي سان مهم هلائي وڃي پر وزيراعظم عمران خان 5 سال پورا ڪندو، ڪابينا ۾ فيصلو ٿيو هو ته مريم کي نه وڃڻ ڏنو وڃي، نه ته اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف واپس اچي رهيو آهي ۽ نه ئي سندس نياڻي مريم نواز ٻاهر وڃي رهي آهي، ڪراچي سرڪلر ريلوي 2 ارب ڊالر جو منصوبو آهي، وفاق ۽ سنڌ حڪومت فريم ورڪ منصوبي تي اتفاق ٿي ويو آهي، سنڌ حڪومت ڪي سي آر عملي طور تي مڪمل ڪرڻ چاهي ٿي، اهڙن خيال جو اظهار هن اربع تي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سان ملاقات کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، هن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير سان تاريخي ملاقات ٿي آهي، سپريم ڪورٽ جي هدايت تي 30 ڏينهن ۾ حد دخليون ختم ڪنداسين، متاثرن کي معاوضو ڏيڻ جو طريقو سنڌ حڪومت سان ايندڙ ملاقات ۾ طئه ڪنداسين، هن چيو ته يو پي سي کي ٻيهر بحال ڪري ڇڏيو آهي، ٽريڪ جي 150 فوٽ زمين خالي ڪرائي رهيا آهيون، ساڍا 4 ڪلوميٽر جي حد اڃا رهجي وئي آهي، سنڌ حڪومت ۽ ريلوي وچ ۾ ڪو به اختلاف ناهي، اسان گڏجي ڪراچي سرڪلر ريلوي ٺاهينداسين، وفاق، سنڌ حڪومت وچ ۾ فريم ورڪ منصوبي تي اتفاق ٿي ويو آهي، ڪي سي آر سي پيڪ جو معاهدو آهي، ڪراچي سرڪلر ريلوي بابت جلد چين جو سفير ڪراچي ايندو ۽ ان سان گڏجي پريس ڪانفرنس به ڪنداسين، هن چيو ته ڪڻڪ جي بحران جي ذميوارن کي عمران خان سزا ڏيندو، هن دعويٰ ڪئي ته حيات ايجنسي کان وٺي جيتري ريلوي جي زمين آهي ۽ جيڪي اسٽاڪ ايڪسچينج جا پلاٽ آهن هي سڀ ڪيس کڻي اسان عدالتن ۾ وڃي رهيا آهيون ۽ ان سان جيترو پيسو ملندو اهو ڪي سي آر ۾ خرچ ڪنداسين ۽ سنڌ حڪومت کي به ڏينداسين، هن چيو ته اڄ پنجاب جي فارنزڪ ليبارٽري جي رپورٽ ۾ مون کي درست ثابت ڪيو ويو آهي ۽ ٻڌايو ويو آهي ته تيز گام حادثي ۾ جيڪا باهه لڳي اها سلينڊر جي ڪري لڳي هئي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عدالتن جي اڳيان حڪومت بيوس آهي، عدالتون جيڪي حڪم ڏين ٿيون ان تي حڪومت کي عمل ڪرڻو هوندو آهي، شيخ رشيد چيو ته بلاول ڀٽو جا ننڍپڻ جا نه پر جواني جا ڪيس آهن، ڪابينا ۾ فيصلو ٿيو هو ته مريم کي وڃڻ نه ڏنو وڃي، ان کان اڳ شيخ رشيد سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ چيف سيڪريٽري ممتاز شاهه ٽرانسپورٽ جو وزير اويس شاهه، مرتضيٰ وهاب، ايڊووڪيٽ جنرل سميت ٻين شرڪت ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *