وڏي وزير جو نوٽيس، سنڌ سرڪار ٽرئفڪ پوليس کي ون وي جي ڀڃڪڙين تي گرفتارين کان روڪي ڇڏيو

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ون وي ٽريفڪ جي معاملي تي گهرو کاتي ۽ سنڌ حڪومت کي اعتماد ۾ نه ورتو ويو هو، هن چيو ته سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ان معاملي تي سخت فقر مند هو ۽ کيس شهرين جي پريشاني جو احساس هو، صوبائي صلاحڪار ايڊيشنل آءِ جي ٽريفڪ سان ان معاملي تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ چيو ته هن ڀڃڪڙي تي ڪا به ايف آءِ آر داخل نه ڪئي وڃي ۽ نه ڪنهن کي گرفتارڪيو وڃي، هن چيو ته شهري به ٽريفڪ قانون جي رکوالي ڪندي مهذب شهري هجڻ جو ثبوت ڏين ۽ گاڏين کي ون وي جي مخالف رخ ۾ نه هلائين، پنهنجا سمورا قانوني دستاويز پاڻ سان گڏ رکن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *